Book Name:Faiz e Data Huzoor
مدرسة المدينه بالغان ۾ پِڙھڻ ۽ پڙھائڻ جي ترغيب
اَلْحَمْدُ للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي، فيضانِ اولياءِ ۽ سندن تعليمات کي عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. دعوتِ اسلامي ڏينهن رات علمِ دين جي خدمت ڪري رهي آهي. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي ٭ جنهن ۾ وڏي عمر وارن اسلامي ڀائرن کي قرآن ڪريم درست تجويد ۽ قرائت سان پڙهايو ويندو آهي ٭ ان سان گڏوگڏ نماز جا احڪام ۽ مسئلا به سيکاريا ويندا آهن ٭ سنتن جي باري ۾ به ٻڌايو ويندو آهي ٭ ۽ ترجمو ۽ تفسير پڙهڻ، ٻڌڻ جو موقعو به ملندو آهي ٭ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اوهان مان بهتر اهو آهي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري.([1]) ٭ هڪ ٻي روايت ۾ آهي: جنهن شخص قرآن ڪريم سکيو، سيکاريو ۽ جيڪو ڪجهه قرآن ڪريم ۾ آهي، ان تي عمل ڪيو، قرآن ڪريم ان جي شفاعت ڪندو ۽ کيس جنت ۾ وٺي ويندو. ([2])
اي عاشقانِ اولياء! انهن فضيلتن جو حقدار بڻجڻ ۽ درست تجويد ۽ قرائت سان قرآن ڪريم سکڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان ۾ داخلا وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. اَلْحَمْدُ للہ! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ