Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

قيامت تائين ڀرجنديون رهنديون. الله پاڪ  اسان سڀني کي اولياءِ ڪرام سان عقيدت رکڻ وارو بڻائي. 

هڪ ڳالهه جيڪا عرض ڪرڻ چاهيان ٿو، اها هيءَ ته اولياءِ ڪرام جون ڪرامتون يقيناً حق آهن، اِهي الله وارا پنهنجن چاهيندڙن جي مدد به ڪندا آهن، سندن مشڪلاتون به حل ڪندا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. پر اسان کي انهن جي ڏنل تعليمات تي به توجهه ڏيڻ گهرجي، بلڪه دنياوي مشڪلاتون حل ٿين يا نه ٿين، اولياءِ ڪرام جي تعليمات تي توجهه ۽ انهن تي عمل ضرور ڪرڻ گهرجي. 

اچو ته داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ مبارڪ فرمان ٻڌون ۽ نيت ڪريون ته ان تي عمل به ڪنداسين. 

علم سکڻ ضروري آهي

داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: اي حق جا طلبگار! توکي معلوم هجڻ گهرجي ته عمل ڪرڻ جي لاءِ جيترو علم ضروري آهي، ايتري قدر علم سکڻ فرض ۽ لازمي آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: ائين سمجهه ته نماز هڪ عمل آهي  ٭ جيستائين ٻانهي کي طهارت (جهڙوڪ وضو ۽ غسل) جا فرائض معلوم نه هجن ٭ پاڻيءَ جي سڃاڻپ نه هجي (مثال طور، اهو معلوم نه هجي ته ڪهڙي پاڻيءَ سان وضو ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪهڙي سان نه ٿو ڪري سگهجي) ٭ قبلي جي طرف متعلق ڄاڻ نه هجي ٭ نماز جا وقت ۽    ٭ فرائض ۽ واجبات وغيرهه جو علم نه هجي، تيستائين ٻانهو نماز صحيح طريقي سان ادا ئي نه ٿو ڪري سگهي. ([1]) 

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏي نه ڪم جي ڳالهه ارشاد فرمائي آهي. افسوس! اڄڪلهه ديني معلومات جي تمام گهڻي کوٽ آهي، اسان وٽ ديني علم سکڻ وارا تمام گهٽ آهن، اسان کي گهرجي ته فرض علم به سکون ۽ ان تي عمل به ڪريون. 


 

 



[1]...کشف المحجوب، باب الاول فی اثبات العلم، صفحہ:15 ملتقطًا۔