Book Name:Faiz e Data Huzoor
هن سلسلي ۾ هي ڳالهه ياد رکو! ته ٻانهي کي داتا چوڻ بلڪل درست آهي، اها ڳالهه قرآن ڪريم مان به ثابت آهي. سيپارو 16، سورت مريم ۾ حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي امڙ سائڻ حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا جو واقعو ذڪر ٿيل آهي. جڏهن حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا اڪيلائي ۾ تشريف وٺي ويون ته اتي هڪ نوراني شڪل وارو نوجوان ڏٺائون. پاڻ تمام باحيا هيون، پنهنجي ڪمري ۾ ائين نوجوان کي موجود ڏسي چيائون:
اِنِّیۡۤ اَعُوۡذُ بِالرَّحۡمٰنِ مِنۡکَ
(پارو: 16، مريم: 18)
ترجموڪنزالعرفان: مان توکان رحمٰن جي پناهه گهران ٿي.
اهو نوجوان ڪو انسان نه هو، بلڪه انساني شڪل ۾ حضرت جبرائيل عَلَیْہِ السَّلَام هئا، انهن فرمايو:
اِنَّمَاۤ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ﳓ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِیًّا(۱۹) (پارو: 16، مريم: 19)
ترجمو ڪنز العرفان: مان ته تنهنجي رب جو موڪليل آهيان ته جيئن مان توکي هڪ پاڪيزهه پٽ ڏيان.
يعني اي مريم! گهٻراءِ نه ...!! مان الله پاڪ جو موڪليل فرشتو آهيان، توکي پٽ ڏيڻ آيو آهيان.
سُبْحٰنَ اللہ! هي صاف لفظ آهن داتا وارا آهن، يعني حضرت جبرائيل عَلَیْہِ السَّلَام، جيڪي يقيناً غيرُالله آهن، الله پاڪ جي عطا سان، الله پاڪ جي طرفان حضرت مريم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہا کي پٽ ڏيڻ آيا هئا. معلوم ٿيو ته غيرُالله کي داتا چوڻ به درست آهي ۽ داتا مڃڻ به درست آهي.
داتا حُضُور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي تعليمات
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ تمام بلند مرتبي واري هستي آهن. الله پاڪ جي فضل سان اوهان جي درٻارِ عاليشان مان هر وقت سائلن جون جهوليون ڀرجنديون آهن ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!