Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

جو شان بيان  ته ڪندا ئي هئا، پر قربان وڃجي! سندن وصال کان صديون گذرڻ کان پوءِ به جڏهن صحابهءِ ڪرام جي شان تي اعتراض ڪيو ويو، ته مزار پاڪ ۾ ليٽيل هوندي به کانئن اها ڳالهه برداشت نه ٿي ۽ پاڻ پنهنجي روحاني فيضان سان صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان جي شان جو اظهار فرمايائون. 

اَلْحَمْدُ للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي فيضانِ اولياء  به آهي، فيضانِ داتا  به آهي. اللہ پاڪ جي فضل سان، ان جي عطا سان، داتا حضور  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دنيا مان پردو فرمائڻ کان پوءِ به پنهنجي روحاني فيضان سان جن صحابهءِ ڪرام جي شان جو اظهار فرمايو، اڄ دعوتِ اسلامي به انهن ئي صحابهءِ ڪِرام  عَلَیْہِمُ الرِّضْوان جي محبت جا جام ڀري ڀري پياري رهي آهي. اَلْحَمْدُ للہ! هي دعوتِ اسلامي جو ئي فيضان آهي جو اڄ هر ٻار جي زبان تي هي نعرو گونجي رهيو آهي: 

ہر صحابئ نبی!                    جنّتی! جنّتی!                 سب صحابیات بھی!        جنّتی! جنّتی!

چار یارانِ نبی!                 جنّتی! جنّتی!                 حضرتِ صدّیق بھی!       جنّتی! جنّتی!

اور عُمر فاروق بھی!          جنّتی! جنّتی!                 عُثمانِ غنی!                     جنّتی! جنّتی!

فاطمہ اور علی!                 جنّتی! جنّتی!                 ہیں حسن حسین بھی!      جنّتی! جنّتی!

ڇا غيرُالله کي داتا چئي سگهجي ٿو ...!!

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون اهي عنايتون ۽ نوازشون اڄ به سندن چاهڻ وارن جي مٿان مسلسل ٿي رهيون آهن. هي داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو فيضان آهي، جو اڄ به جيڪو سندن درٻار ۾ جهڙي نيت ۽ مقصد سان حاضر ٿيندو آهي تنهنکي اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دلين ۾ وسوسو ايندو آهي ته ڇا غيرُالله کي داتا چئي سگهجي ٿو؟ ڏيڻ واري ذات ته الله پاڪ جي آهي، پوءِ ڪنهن ٻئي کي اسين داتا ڇو چئون؟