Book Name:Faiz e Data Huzoor
نبوت سان ڪنهن کي چراغ جيان روشني ڏيڻ وارو بڻائي ڇڏيو ٭ ڪنهن کي مسجد جيان شان ۽ عزت عطا فرمائي ڇڏي ٭ ڪنهن کي محراب ۽ منبر جو مالڪ بڻائي قيامت تائين امام، پيشوا ۽ رهنما بڻائي ڇڏيو. تنهنڪري هن شعر ۾ حضرت ابوبڪر، حضرت عمر فاروق، حضرت عثمانِ غني، حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہم جن جو شان ته آهي ئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ هِن ڳالهه جو به بيان آهي ته:
دامنِ مصطفےٰ سے جو لپٹا یگانہ ہو گیا جس کے حُضُور ہو گئے، اس کا زمانہ ہو گیا
تنهنڪري هي شعر ظاهري طور ته صحابهءِ ڪِرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان جي شان ۾ آهي، پر اصل ۾ مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظمت ۽ شان کي بيان ڪري رهيو آهي. بس هي جواب ٻڌڻ جي دير هئي ۽ اهو غير مسلم بيهوش ٿي ڪري پيو، سندس پڳڙي مٿي تان لهي وئي. جڏهن افاقو ٿيو ته پاڻُ سنڀاليندي چيائين: جيڪو جواب (Answer) اڄ اوهان مون کي ڏنو آهي، اهو اڄ کان پهريان مون کي ڪنهن به نه ڏنو هو.([1])
اللہ! اللہ! اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ صحابه ۽ اهل بيت! ٿورو غور فرمايو! اولياءِ ڪِرام کي صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان سان ڪيتري قدر محبت آهي. حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنجين صدي هجري جا بزرگ آهن، خواجه قمر الدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه گذريل صدي جا بزرگ آهن، يعني وچ ۾ لڳ ڀڳ 9 صدين جو فاصلو آهي. انهن 9 صدين کان پوءِ خواجه قمر الدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه داتا حضور جي بارگاهه ۾ حاضر آهن. هڪ غير مسلم اچي ٿو ۽ صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان جي شان تي اعتراض ڪري ٿو. حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن دنيا ۾ هئا، تڏهن صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان