Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

غير مسلم پڇيو: اوهان مسجدن جي ڀتين تي هي شعر ڇو لکندا آهيو؟ خواجه قمر الدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: ان ڪري ته جڏهن به ڪو ماڻهو مسجد ۾ داخل ٿئي ته کيس خبر پوي ته هيءَ مسجد عاشقانِ رسول، عاشقانِ اهل بيت ۽ عاشقانِ صحابه جي ٺاهيل آهي. اهڙو جواب ٻڌي ان غير مسلم وراڻيو: توهان مسلمان آهيو، حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجو نبي مڃيندا آهيو، اوهان کي ته گهرجي ته صرف انهن جي تعريف ڪريو، روشني پکيڙڻ وارو چراغ، مسجد جيان شان ۽ عزت وارو، محراب ۽ منبر جو حقيقي مالڪ صرف محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ئي مڃيو، پر توهان اهي شانَ محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بدران ڪنهن ٻئي جي لاءِ مڃيو ٿا، تنهنڪري اوهان صحابه لاءِ اهي شانَ مڃي، محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ گهٽتائي ڪري رهيا آهيو، جڏهن ته هو اوهان جا نبي آهن. 

خواجه قمر الدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن اعتراض جا ڪيترائي جواب ڏنا، پر هو ايترو ته ضدي هو جو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو. (ظاهر آهي ته اتي ٻيا به ڪيترائي ماڻهو موجود هئا، جيڪڏهن هن غير مسلم کي مطمئن نه ڪيو وڃي ها ته ٻين جي دلين ۾ به وسوسا پيدا ٿي پئي سگهيا) خواجه قمر الدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: مان سوچڻ لڳس ته هن کي مطمئن (Satisfy) ڪريان ته ڪيئن ڪريان؟ اڃان انهيءَ ئي سوچ ۾ گُم هئس ته داتا حضور  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪرم فرمايو، سندن روضهءِ  پُرنور مان هڪ نور جو شعاع بلند ٿيو ۽ اچي منهنجي سيني ۾ داخل ٿي ويو. انهيءَ ئي وقت داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي فيضان سان مون کي هن اعتراض جو جواب سمجهه ۾ اچي ويو، مون ان غير مسلم کي چيو: اي شخص ٻڌ! اسان جيڪو چوندا آهيون: 

چراغ و مسجد و محراب و منبر                        ابوبکر و عمر، عثمان و حیدر

وضاحت: ان جو حقيقي مطلب هي آهي ته اسان جا آقا و موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙي شان وارا نبي آهن جو ٭ انهن پنهنجي نگاہهِ