Faiz e Data Huzoor

Book Name:Faiz e Data Huzoor

رُوحاني توجهه سان مسئلن جو  حل 

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آيتِ ڪريمه ٻڌي، اللہ پاڪ فرمائي ٿو:   

فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵)  (پارو: 30، النٰزِعٰت: 5)

ترجموڪنز العرفان: پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو (قسم...!!).

امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: ڪڏهن ڪڏهن اولياءِ ڪرام جا پاڪ روح خواب ۾ تشريف فرمائي، يا ڪڏهن ڪڏهن ائين ئي روحاني توجهه سان اسان جي مشڪلاتن جو حل اسان کي ٻڌائي ڇڏيندا آهن. اَلْحَمْدُ للہ! داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به پنهنجن چاهيندڙن جي اهڙي طرح مدد فرمائيندا رهندا آهن.

داتا حضور رُوحاني مدد فرمائي ...!!

حضور خواجه قمرالدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پاڪستان جي مشهور ۽ معروف شخصيت (Famous Personality) آهن. هڪ دفعي پاڻ داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي درٻار سان گڏ ٺهيل مسجد ۾ ويٺا هئا، ساڻس گڏ ڪيترائي مريد ۽ محبت ڪرڻ وارا به موجود هئا. ايتري ۾ هڪ غير مسلم اتي آيو. ماڻهن خواجه قمر الدين سيالوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ٻڌايو ته هي غير مسلمن جو وڏو عالِم آهي ۽ عاشقانِ رسول عالمن سان هَرُوڀَرُو بحث ڪري کين تنگ ڪندو رهندو آهي.

اصل ۾ اهو شخص خواجه قمر الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  کي به تنگ ڪرڻ جي نيت سان آيو هو. تنهنڪري هن هڪ سوال پڇيو، چيائين: اوهان مسلمان مسجدن جي ديوارن تي هڪ شعر لکندا آهيو: 

چراغ و مسجد و محراب و منبر                        ابوبکر و عمر، عثمان و حیدر

وضاحت: يعني ابوبَڪر صديق، عُمَرِ فاروق، عثمانِ غني، علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہم  (اسلام جا پهريان چار خليفا) ڏِيئي وانگر روشني پکيڙڻ وارا، مسجد جيان عزت ۽ شان وارا ۽ محراب ۽ منبر جا حقيقي وارث آهن.