Book Name:Faiz e Data Huzoor
آپ کی چشمِ کرم ہو جائے گر بدحال پر
دُور ہو غم کی ابھی کالی گھٹا داتا پیا ([1])
داتا حضور جي طرفان قافلي جي خيرخواهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي فيضانِ اولياء آهي. اللہ پاڪ جو فضل آهي ته اولياءِ ڪرام دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول تي ڪرم نوازيون فرمائيندا رهندا آهن. هڪ دفعي جو واقعو آهي ته ڪجهه اسلامي ڀائر، جيڪي دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول سان گڏ قافلي جا مسافر هئا، سنتون سکي رهيا هئا ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيا هئا، انهن جو بيان آهي ته اسان جو قافلو خدا جي راهه ۾ سفر ڪندي لاہور ۾ داتا درٻار واري مسجد ۾ پهتو. اتي اسان جو ٽن ڏينهن جو قيام هو. قافلي جي جدول (Schedule) مطابق سنتون سکڻ ۽ سيکارڻ جو حلقو لڳل هو. ان دوران هڪ صاحب تشريف کڻي آيا، جن عاشقانِ رسول سان وڏي محبت سان ملاقات ڪئي ۽ پوءِ چيائون: اَلْحَمْدُ للہ! اڄ رات منهنجي قسمت جو سِتارو چمڪيو، حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مون گنهگار جي خواب ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: دعوتِ اسلامي جي قافلي وارا عاشقانِ رسول ٽن ڏينهن جي لاءِ منهنجي مسجد ۾ ترسيل آهن، تون سندن کاڌي پيتي جو انتظام ڪر! تنهنڪري مان قافلي وارن جي خيرخواهي لاءِ کاڌو کڻي آيو آهيان، قبول فرمايو!
کیا غرض در در پھروں میں بھیک لینے کیلئے
ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا
جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دن
ہو مری اُمّید کا گلشن ہرا داتا پیا ([2])