Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 4)
ٽيو ن حق : نِياڻِيءَ جي ولادت تي غم نه ڪرڻ
وضاحت: خاص طور تي نياڻيءَ جو هڪ حق هي آهي ته ان جي ڄمڻ تي غم نه ڪجي، بلڪه زيادهه خوشيون ملهائجن ۽ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ان جي تمام سٺي پرورش ڪئي وڃي.
حديثن جي ر وشنيءَ ۾ نياڻيءَ جي پرورش جون فضيلتون: ٭ جنهن گهر ۾ نياڻي پيدا ٿيندي آهي، فرشتا ان گهر وارن تي سلامتي موڪليندا آهن.([1]) ٭ جيڪو نياڻيءَ کي تڪليف نه ڏئي ۽ نياڻيءَ کي پٽ کان گهٽ نه سمجهي، الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل فرمائيندو.([2]) ٭ جنهن کي ٽن نياڻين جي پرورش نصيب ٿي وڃي، ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي. ([3])
دهرائي
اڄ اسان اولاد جا 3 حق سکيا آهن، ذهن نشين ڪري وٺو!
(1): ٻار جو طوهر يعني خُتنو ڪرائڻ (2): ديني تعليم ڏيارڻ (3): ڌيءُ جي ولادت تي غم نه ڪرڻ
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
ننڊ مان اُٿَڻ وقت پڙهڻ واري دعا:
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْٓ اَحْیَانَا بَعْدَ مَآ اَمَاتَنَا وَاِلَیْہِ النُّشُوْرُ
ترجمو: سڀئي تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن، جنهن اسان کي موت (ننڊ) کان پوءِ حياتي (بيداري) عطا فرمائي ۽ اسان کي انهيءَ ڏانهن ئي موٽڻو آهي. ([4])