Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 4)
راغب رهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اولاد نيڪ ٿيندي، ۽ دنيا سان گڏ آخرت ۾ به فائدو ڏيندي.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: هڪ وقت اهڙو ايندو (جو پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو)، ان شخص جو ايمان محفوظ رهندو، جيڪو پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ هڪ غار کان ٻِي غار ۽ هڪ جبل کان ٻئي جبل ڏانهن ويندو. ان دور ۾ الله پاڪ جي نافرمانيءَ کان سواءِ رزق حاصل نه ٿيندو. اهڙي صورتحال ۾ ٻانهو پنهنجي اهل و عيال ۽ گهر وارن جي ڪري هلاڪ ٿيندو، جيڪڏهن زال ۽ ٻار نه به هجن ته والدين جي ڪري هلاڪ ٿيندو ۽ جيڪڏهن والدين به نه هجن ته رشتيدارن يا پاڙيسرين جي ڪري هلاڪ ٿيندو. صحابهءِ ڪرام عَلَیْھمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! اهو ڪيئن ٿيندو؟ (يعني انسان پنهنجي گهر وارن جي سبب هلاڪت ۾ ڪيئن پوندو؟) فرمايائون: اهي کيس تنگدستيءَ جي ڪري عار (شرم) ڏياريندا، جنهن ڪري هو پاڻ کي هلاڪت واري جاءِ تي وٺي ويندو.([1]) (يعني اهو شخص پنهنجي گهر وارن (زال، ٻارن ۽ خاندان وغيرهه) جي طعنن کان بچڻ جي لاءِ مال حاصل ڪرڻ ۾ حلال ۽ حرام جي پرواهه نه ڪندو)
پيارا اسلامي ڀائرو! اولاد جا تمام گهڻا حق آهن، جن مان 9 حق اسان اڳ ۾ سکي چڪا آهيون. 3 حق اڄ سکنداسين. اچو ته پهريان اڳ ۾ سکيل حق دهرائي وٺون. (1): بهتر ماءُ جي چونڊ ڪرڻ (يعني با اخلاق ۽ ديندار عورت سان نڪاح ڪرڻ) (2): ٻار جي ڪَنَ ۾ آذان ڏيڻ (3): تحنيڪ ڪرڻ (يعني گُهٽي يا سُتي ڏيڻ) (4): ٻار جو سُٺو نالو رکڻ (5): عقِيقو ڪرڻ (6): سُٺي تربيت ڪرڻ (7): اولاد جي