Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 4)
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ اولاد جا 3 حق (قسط: چوٿين) جي متعلق ٻڌايو ويندو ۽ ننڊ مان اُٿڻ وقت پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جنهن مون تي هڪ دفعو درود پاڪ پڙهيو الله پاڪ ان تي 10 رحمتون موڪليندو آهي ۽ ان جي اعمالنامي ۾ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
آيت مبارڪه
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا تُلْهِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَ لَاۤ اَوْلَادُكُمْ عَنْ ذِكْرِ اللّٰهِۚ
(پارو: 28، سورة المُنٰفقُون: 9)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ايمان وارﺆ! توهان جو مال ۽ توهان جي اولاد توهان کي الله جي ذڪر کان غافل نه ڪري ڇڏين.
معلوم ٿيو ته مال ۽ اولاد جي محبت، انهن جي سارَ سنڀال ۽ پرورش ۾ ايترو ته مشغول ٿي وڃڻ جو الله پاڪ جي ياد ئي دل مان نڪري وڃي، مثال طور، نمازن جو وقت نه ملي، حلال ۽ حرام جي تفريق ختم ٿي وڃي، اهو سخت نقصانڪار آهي. انسان کي گهرجي ته اولاد جي پرورش دوران نيڪيءَ ڏانهن
[1]...ترمذى، ابواب الوتر، باب فى فضل الصلاة على النبى صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم، صفحہ:144، حديث:174۔