Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail
درست عقيدا اختيار ڪرڻ، مٿي تي عمامو شريف سجائڻ ۽ سنت جي مُطابِق ڏاڙهي رکڻ جي سعادت نصيب ٿي وئي.
تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول
سلامت رہے یاخدا دینی ماحول بچے بد نظر سے سدا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
فتاويٰ رضويه موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول جي عالمگير ديني تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي ”آئي ٽي شعبي“ پاران هڪ تمام بهترين موبائل ايپلي ڪيشن، ”فتاويٰ رضويه“ (Fatawa Razvia) جي نالي سان جاري ڪئي وئي آهي.
٭ هن ايپلي ڪيشن ۾ فتاويٰ رضويه جون تمام جلدون شامل آهن ۽ هر جلد جي ذيل ۾ رسالن ۽ عنوانن جي مختصر فهرست پڻ ڏني وئي آهي.
٭ فتاويٰ رضويه جا سمورا رسالا (جيڪي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان پڇيل سوالن جي جواب ۾ تحرير فرمايا هئا انهن) جي هڪ الڳ فهرست پڻ موجود آهي. ٭ هن ايپلي ڪيشن ۾ هڪ تمام شاندار سهولت ايڊوانس سرچ (Advanced Search) جي آهي، جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجو گهربل مواد وڏي آسانيءَ سان ڳولي سگهو ٿا. ان سان گڏوگڏ، ڪنهن خاص جلد يا ڪنهن خاص رسالي اندر به سرچ ڪرڻ جي سهولت موجود آهي.
٭ ڪنهن به جلد کي منتخب ڪري، ان ۾ گهربل صفحي (Page) تي سڌو سنئون وڃي سگهجي ٿو.٭ لفظن جي سائيز (Font Size) کي به پنهنجي مرضيءَ مطابق ننڍو يا وڏو ڪري سگهجي ٿو. ٭ ايپلي ڪيشن ۾ موجود ڪنهن به پسند آيل مواد کي نوٽس (Notes) واري فيچر ۾ لکي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، ان کي پسنديده (Favorites) لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻين سان شيئر (Share) به ڪري سگهجي ٿو.