Ahl e Suffah Ke Fazail

Book Name:Ahl e Suffah Ke Fazail

مُحْتَاج سے تمہارے کرتے ہیں سب کنارہ              بس اِک تمہیں ہو یاوَر تم پر سلام ہر دَم([1])

ٻئي اصحاب يقيناً باحيثيت به هئا ۽ سخي به هئا، ورهائيندا به رهندا هئا، پر شايد کين خبر هئي ته هي مهمان اڄ ڪنهن ٻئي در جا آهن. خير! حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي بک لڳي هئي، صديق اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به گذري ويا، فاروق اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به هليا ويا، پاڻ جتي ويٺا هئا اتي ئي ويٺا رهيا. ٿوري دير کان پوءِ، بيڪسن جا آقا، رسول خدا، احمد مجتبيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا.

لَو وہ آیا میرا حامی، میرا غمخوارِ اُمم               آگئی جاں تنِ بےجاں میں یہ آنا کیا ہے

پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم سمجهي ويا ته ابوهريره کي بک لڳي آهي. فرمايائون: ابو هريره! منهنجي پٺيان اچ! حضرت ابو هريره   رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سندن پويان هلڻ لڳا هلندي هلندي پياري آقا جي گهر مبارڪ پهتا. ڪنهن وٽان کير جو هڪ پيالو تحفي طور آيل هو. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ابو هريره! وڃ، سڀني اصحابِ صفه کي سڏ ڪري اچ!

حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ حڪم جي تعميل جي لاءِ روانا ٿي ويا، دل ۾ سوچي رهيا هئا ته هڪ پيالو کير جو آهي، ايترا ماڻهو اچي ويندا ته باقي منهنجي لاءِ ڇا بچندو؟ اهو سوچيندي سوچيندي اصحابِ صفه وٽ پهچي ويا، کين حڪمِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ٻڌايائون ۽ سڀني کي ساڻ ڪري واپس موٽي آيا. سڀئي حاضر ٿي، هڪ قطار ۾ ويهي رهيا. پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي ئي پيالو ڏنو ۽ فرمايو: ابو هريره! سڀني کي پيارِ!

حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پيالو کڻي هڪ هڪ کي پيارڻ لڳا. 70 صحابه هئا، سڀني دل کولي کير پيتو، پر پيالي ۾ کير اڃان تائين جيئن جو تيئن موجود هو. جڏهن سڀئي پي چڪا ته محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڏانهن نهاريو، مسڪرايو ۽ فرمايائون: ابو هريره! هاڻي مان ۽ تون بچيا آهيون. ويهه! پهريان تون پيءُ! حضرت ابو هريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کير پيتو.


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ:169۔