Quran be Misl Kitab Hai

Book Name:Quran be Misl Kitab Hai

خاطرخواهه جواب خود انهن غير مسلمن وٽ به موجود نه هو. ان بابت هُو مختلف حيلا ۽ بهانا بڻائيندا هئا، مثلاً: * ڪو چوندو هو ته  اها شاعري آهي * ڪو چوندو هو هي نجومين ۽ ڪاهنن جون ڳالهيون آهن * ڪو چوندو هو هي جادو آهي * ڪو چوندو هو: مُحَمَّد  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هي ڪلام پاڻ ٺاهيو آهي يا ڪنهن کان ٺهرايو آهي. مطلب ته جيترا هئا وات، ايتريون هيون ڳالهيون، ڪوبه غير مسلم واضح طور تي اهو ثابت نه ڪري سگهيو هو ته جيڪڏهن هي ڪتاب  الله  پاڪ جو ڪلام نه آهي ته پوءِ ڇا آهي؟

 الله  پاڪ انهن غير مسلمن جي سڀني شڪن ۽ فضول الزامن جو صرف هڪ ئي جواب ارشاد فرمايو:

وَ اِنْ كُنْتُمْ فِیْ رَیْبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلٰى عَبْدِنَا

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڪتاب جي باري ۾ ڪو شڪ آهي جيڪو اسان پنهنجي خاص ٻانهي تي نازل ڪيو آهي.

يعني جيڪڏهن توهان کي شڪ آهي ته هي قرآن ڪريم  الله  پاڪ جو ڪلام نه آهي ته پوءِ هڪ ڪم ڪيو!

فَاْتُوْا بِسُوْرَةٍ مِّنْ مِّثْلِهٖ۪-

ترجموڪنزالعرفان: ته پوءِ توهان ان جهڙي هڪ سورت ٺاهي آڻي ڏيکاريو.

يعني اي غير مسلمو! * توهان به انسان آهيو، اسان جا محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  به انسان آهن * توهان به عربي آهيو، اهي به عربي آهن * توهان به ان ملڪ جا رهواسي آهيو، جتي اهي رهندا آهن * توهان وڏا زبان جا ڄاڻو به آهيو * توهان ۾ وڏا وڏا شاعر به موجود آهن * وڏا وڏا نجومي ۽ ڪاهن به موجود آهن، اسان جا محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ته اُمِي آهن يعني هِنَ دنيا ۾ پاڻ ڪنهن کان ڪجهه به ناهي سکيو، پر توهان ۾ ته پڙهيل لکيل ماڻهو به آهن، وڏا وڏا تجربيڪار به موجود آهن. جيڪڏهن توهان جي اها دعوا  آهي ته هي ڪلام مُحَمَّد  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  پاڻ ٺاهيو آهي، ته پوءِ توهان به اهڙو ڪلام ٺاهي ڏيکاريو! ۽ گهڻو نه، صرف هن ڪلامِ ڪريم جي ننڍڙي کان ننڍڙي سورت جهڙي هڪ سورت ئي ٺاهي ڏيکاريو!