Book Name:Quran be Misl Kitab Hai
عبادت آهي([1]) * قرآنِ ڪريم جو هڪ حرف پڙهڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن([2]) * قرآن پڙهڻ سان رحمت نازل ٿيندي آهي، فرشتا پَرَن سان سايو ڪندا آهن ۽ سڪون نازل ٿيندو آهي([3]) * جيڪو صبح جو قرآن ختم ڪري، ان جي لاءِ شام تائين ۽ جيڪو شام جو ختم ڪري تنهن جي لاءِ صبح تائين فرشتا رحمت جي دعا گهرندا رهندا آهن([4]) * قيامت جي ڏينهن قرآن، پنهنجي پڙهڻ وارن جي شفاعت ڪندو([5]) * قاريءِ قرآن، قرآن پاڪ پڙهندي پڙهندي جنت جا درجا چڙهندو ويندو([6]) * جيڪو نماز ۾ بيهي قرآن جي تلاوت ڪندو آهي ان جي لاءِ هر حرف جي بدلي 100 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز ۾ ويهي تلاوت ڪندو آهي تنهن جي لاءِ هر حرف جي بدلي 50 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز کان علاوهه باوُضو تلاوت ڪندو آهي ان جي اعمالنامي ۾ 25 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ جيڪو بغير وضو تلاوت ڪندو آهي تنهن جي لاءِ 10 نيڪيون آهن([7]) * قاريءِ قرآن اسلام جي جهنڊي کي پڪڙڻ وارو آهي([8]) * قاريءِ قرآن الله پاڪ جو خاص ٻانهو آهي([9])* قرآن پڙهڻ وارو عذابِ الٰهي کان محفوظ رهندو آهي([10]) * قرآن پڙهڻ وارو ان جي برڪت سان ترقي ڪندو آهي ۽ وڏا درجا حاصل ڪندو آهي([11])
اهڙا ثواب ۽ اهڙا فائدا آهن قرآن مجيد جي تلاوت جا، پر اسان تلاوت نه ٿا ڪيون. اسان کي گهرجي ته اسان تلاوتِ قرآن کي پنهنجي روزاني جي معمولات ۾ شامل ڪريون، جيئن کاڌي کان سواءِ اسان جو ڏينهن نه گذرندو
[1]... کنز العمال، کتاب الاذکار، جز:1، جلد:1، صفحہ:257، حدیث:2261۔
[2]... ترمذی، کتاب فضائل القران، صفحہ:676، حدیث:2910۔
[3]... مسلم، کتاب الذکر والدعا، صفحہ:1039، حدیث:2699ماخوذًا۔
[4]... کنز العمال، کتاب الاذکار، جز:1، جلد:1، صفحہ:261، حدیث:2316۔
[5]... مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین، صفحہ:290، حدیث:804۔
[6]... ابو داؤد، کتاب:الوتر، صفحہ:241، حدیث:1464 ماخوذًا۔
[7]... احیاء العلوم، کتاب آداب تلاوۃ، الباب الثانی، جلد:1صفحہ:362۔
[8]... مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:135، حدیث:2690۔
[9]... کنز العمال، کتاب الاذکار، جز:1، جلد:1، صفحہ:258، حدیث:2275۔
[11]... كنز العمال،کتاب الاذکار، جز:1، جلد:1، صفحہ:259، حدیث:2289۔