Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 3)
٭هڪ ٻار جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌڻ، ٻئي
جي ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ ٭جيڪڏهن هڪ ٻار ڪا غلطي ڪري ته کيس سخت سزا ڏيڻ پر جيڪڏهن
ساڳي ئي غلطي ٻيو ٻارُ ڪري ته ان کي نظرانداز ڪرڻ ٭هڪ ٻار جي فرمائش فوراً پوري ڪرڻ، جڏهن ته ٻئي ٻار جي
فرمائش پوري ڪرڻ ۾ ٽال مٽول کان ڪم وٺڻ، اهڙي روَيي سبب نفرتون، اختلافات، بغض ۽
حسد وغيرهه جَنَم وٺندا آهن.
ٻيون حق: نان ۽ نفقي جو انتظام ڪرڻ
وضاحت: کائڻ، پيئڻ يعني اَٽي، لَٽي ۽ اَجهي (يعني رهڻ لاءِ جڳهه) وغيرهه جو انتظام ڪرڻ کي نان ۽ نفقو چئبو آهي. ([1])
حديث شريف جي مطابق جيڪو شخص اهل وعيال جي لاءِ حلال رزق ڪمائيندو رهندو، قيامت جي ڏينهن ان جو چَهرو چوڏِهينءَ جي چنڊ جيان روشن هوندو٭نابالغ اولاد جو خرچ پيءُ تي واجب آهي، توڙي جو اُهي پِيءُ سان گڏ نه رهندا هجن ٭معذآور پُٽُ جيڪو ڪمائڻ جي سَگهَه نه رکندو هجي، تنهن جو خرچ والد تي لازم آهي، ڪُنواري يعني غير شادي شدهه نياڻي جو خرچ به پيءُ جي ذِمي آهي. ([2])
ٽيو ن حق : سُٺو رشتو ملڻ تي شادي ڪرائڻ
وضاحت: حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اولاد جوان ٿي وڃي ۽ سندن والد (طاقت هئڻ جي باوجود) به انهن جي شادي نه ڪرائي، اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اولاد گناهه (مثلاً بدڪاري وغيرهه) ۾ مبتلا ٿي وڃي ته ان جو گناهه سندن والد کي به ٿيندو. ([3])
نوٽ: اڪثر ڪري شادي ڪرڻ ۾ دير اخراجات جي سبب ٿيندي آهي. اسلام