Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)

Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)

ستن ڏينهن جو ٿيڻ کان  پهريان ئي وفات ڪري وڃي ته ان جو عقيقو نه آهي.([1]) ٭ عقيقي ۾ هڪ ٻڪرو يا هڪ ٻڪري ذبح ڪئي وڃي. ٭ بهتر هي آهي ته پُٽَ جي عقيقي ۾ 2 ٻڪرا ۽ نياڻي جي عقيقي ۾ هڪ ٻڪري ذبح ڪئي وڃي، جيڪڏهن ائين نه به ڪيو وڃي تڏهن به ڪو حرج نه آهي.([2]) ٭ مثال طور، جيڪڏهن ست ٻار هجن ته هڪ وڏو جانور سڀني جي عقيقي لاءِ قربان ڪري سگهجي ٿو.([3]) ٭ قرباني جي وڏي جانور ۾ به عقيقي جو حصو شامل ڪري سگهجي ٿو.

نوٽ: عقيقي بابت تفصيلي معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ  جو رسالو ”عقيقي جي باري ۾ سوال جواب“ جو مطالعو فرمايو.

ٽيو ن  حق :  سُٺِي تربيت ڪرڻ

وضاحت: ٻارن کي اسلامي تعليمات ۽ اسلامي آداب سيکارڻ سٺي تربيت آهي. ٻارن جي سٺي تربيت ڪيئن ڪئي وڃي، ان جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينہ جو شايع ٿيل ڪتاب ”تربيتِ اولاد“ جو مطالعو فرمايو.

دهرائي

اڄ اسان اولاد  جا 3 حق سکيا آهن، ٻيهر دهرائي وٺو!

(1): ٻار جو سٺو نالو رکڻ (2): عقيقو ڪرڻ  (3): سُٺِي تربيت ڪرڻ  

 سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

تيل لڳائڻ وقت پڙهڻ واري دعا:

بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط



[1]...فتاوٰی رضویہ  ،جلد:20،صفحہ:596 ،ملخصًا۔

[2]...بہارِ شریعت ،جلد:3صفحہ:357۔

[3]... فتاوی اہل سنت ، ریفرینس نمبر:Grw-221۔