Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)

Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)

پيدا ٿئي، تنهن کي گهرجي ته ان جو سٺو نالو رکي. ([1])

نوٽ:  پُٽَ جو نالو محمد يا احمد رکو! احاديثِ ڪريمه جي مطابق: ٭ جنهن جي گهر ۾ پٽ ڄَمي ۽ هو ان جو نالو محمد رکي ته ان جي برڪت سان اهو پاڻ ۽ سندس پٽ ٻئي جنت ۾ داخل ڪيا ويندا. ([2]) ٭ جنهن جو نالو احمد يا محمد هوندو، اهو جهنم ۾ نه ويندو. ([3]) ٭ جنهن منهنجي نالي تي پنهجي ٻار جو نالو رکيو، قيامت تائين صبح شام ان تي برڪتون نازل ٿينديون رهنديون. ([4])

نوٽ:  نالن بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينہ جو شايع ٿيل  ڪتاب ”نالو رکڻ جا احڪام“ پڙهو.

 ٻيون  حق:  عقيقو  ڪرڻ

وضاحت: پُٽُ يا ڌِيءُ پيدا ٿيڻ جي شڪراني ۾ جيڪو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، ان کي عقيقو چئبو آهي. عقيقو ڪرڻ سنت آهي. ان جي برڪت سان ٻار آفتن ۽ مصيبتن کان محفوظ رهندو آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ([5])

عقيقو    ڪرڻ  بابت  مدني گُلَ:

٭ عقيقو ستين ڏينهن تي ڪرڻ افضل آهي، مثال طور، جيڪڏهن ٻار اربع جي ڏينهن پيدا ٿيو ته عقيقو ايندڙ اڱاري تي ڪيو. جيڪڏهن ايندڙ اڱاري تي نه ڪري سگهو ته زندگي ۾ جڏهن به عقيقو ڪرڻ چاهيو ته اڱاري تي ئي ڪريو ته جيئن ستين ڏينهن جي فضيلت حاصل ٿي وڃي.([6]) ٭ خدانخواسته جيڪڏهن ٻار


 

 



[1]...شعب الایمان ،الستون من شعب الایمان وھو باب فی حقوق الاولاد واھلین ،جلد:6،صفحہ:401،حدیث:8666۔

[2]...كنز العمال ،کتاب النکاح جلد:8،جز:16صفحہ:175،حدیث:45215۔

[3]...فردوس الاخبار ،جلد:5،صفحہ:472،حدیث:8515،دار الکتاب العربی۔

[4]...كنز العمال ،کتاب النکاح جلد:8،جز:16صفحہ:175،حدیث:45215۔

[5]...مرآۃ المناجیح ،جلد:6،صفحہ:4،ملخصًا۔

[6]...فتاوٰی رضویہ ،جلد:20،صفحہ:586،ملخصًا ۔