Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)

Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)

پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻهو پنهنجي اهل و عيال جو محافظ آهي ۽ ان کان کانئس اهل و عيال جي باري ۾ پڇاڻو ٿيندو.([1])  

علامه علي قاري رحمۃُ اللہِ علیہ  هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا ته يعني ماڻهو کان سوال ڪيو ويندو ته هُن پنهنجي زوجه ۽ پنهجن ٻارن جا حق پوري طرح ادا ڪيا يا نه؟ ([2]) 

اولاد جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! اولاد جا تمام گهڻا حق آهن، جن مان 3 حق اسان  اڳ ۾ سکي چڪا آهيون. 3 حق اڄ سکنداسين. اچو ته پهريان اڳ ۾ سکيل حق دهرائي وٺون. (1): بهتر ماءُ جي چونڊ ڪرڻ (2): ٻار جي ڪَنَ ۾ آذان ڏيڻ (3): تحنيڪ ڪرڻ (يعني گُهٽي يا سُتي ڏيڻ).

وڌيڪ 3 حق جيڪي اڄ سکڻا آهن.  

پهريون  حق:     ٻار  جو  سُٺو نالو  رکڻ

وضاحت:  سٺي معنيٰ واري نالي کي سٺو نالو چيو ويندو آهي. بهتر هي آهي ته اهڙا نالا رکيا وڃن جن جي فضيلت احاديث ۾ بيان ڪئي وئي آهي، يا وَري الله وارن يعني نبين، ولين جي نالن تي نالا رکيا وڃن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن جي برڪت به نصيب ٿيندي. حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي: جنهن جي گهر ۾ ٻار


 

 



[1]...سنن ابی داود ،کتابالخراج والامارة ،باب: ما يلزم الامام من حق الرعيۃ  ،صفحہ:481،حدیث 2928،ملخصًا۔

[2]...مرقاۃ المفاتیح ،کتاب الامارۃ والقضاء ،جلد:7،صفحہ:241،تحت الحدیث :3685۔