Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 2)
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن جو جدول
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ اولاد جا 3 حق (قسط: 2 ) جي متعلق ٻڌايو ويندو ۽ تيل لڳائڻ وقت پڙهڻ واري دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جنهن مون تي هڪ دفعو درود پاڪ پڙهيو الله پاڪ ان تي 10 رحمتون موڪليندو آهي ۽ ان جي اعمالنامي ۾ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اولاد جا 3 حق (قسط: ٻين)
آيت مبارڪه
وَ اْمُرْ اَهْلَكَ بِالصَّلٰوةِ وَ اصْطَبِرْ عَلَیْهَاؕ (پارو: 16 ، سورة طٰـﮧٰ: 132)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي گهَر وارَن کي نماز جو حڪم ڏي ۽ پاڻ به نماز تي ثابت قدم رهه.
معلوم ٿيو ته اهل و عيال يعني پنهنجي آل ۽ اولاد کي نماز جي تلقين ڪرڻ به اسان جي ذميدارين ۾ شامل آهي.
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
[1]...ترمذى، ابواب الوتر، باب فى فضل الصلاة على النبى صلی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ، صفحہ:144، حديث:174۔