Book Name:Tauheed Ke Dalail
آهن، اهو ئي مينهن جڏهن اتي پوندو آهي ته پاڻي برف بڻجي جمع ٿي ويندو آهي، گليشيئر بڻجي ويندو آهي، سياري ۾ پاڻي ضروت گهٽ هوندي آهي، اسان جو گذارو ٿي ويندو آهي پر جڏهن اونهاري ۾ پاڻيءَ جي ضرورت وڌي ويندي آهي، اها برف ڳرندي آهي، آبشار بڻجندا آهن، نديون وهنديون آهن، واھ وهندا آهن ، دريائن جي ذريعي دنيا جي مختلف خطن ۾ پاڻي پهچايو ويندو آهي.
اللهُ اَڪۡبَر! جيڪو اسان کي نديءَ جي ذريعي، کوهن جي ذريعي، موٽر پمپ جي ذريعي پاڻي ملندو آهي، اهو سڄو پاڻي مينهن جي ذريعي ئي اسان تائين پهچندو آهي. هي ڪيترو وسيع نظام آهي جيڪو ربِ ڪائنات بڻائي ڇڏيو آهي، اها ئي نعمت آهي جنهن بابت الله پاڪ فرمايو:
وَّ اَنْزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً (سيپارو: 1، البقرة: 22)
ترجمو ڪنزُالعرفان: اُن آسمان مان پاڻي لاٿو.
الله! الله! اهو ئي سچو خدا آهي، جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، ڪروڙين، اربين، کربين مخلوق آهي، انهن سڀني جي ضرورت مطابق روزانو پاڻي پهچي رهيو آهي، ذرو ٻڌايو ته ڇا الله پاڪ کان سواءِ ڪو آهي جيڪو اهڙو وسيع نظام بڻائي سگھي...؟؟ نه، نه...!! اهڙو ڪو به ناهي، هي هڪ سچي خداءِ پاڪ جي ئي قدرت آهي، ۽ ڪنهن ۾ اهڙي طاقت ناهي.
خلقت جب پانی کو ترسے، رِم جھم، رم جھم برکھا برسے
ہر اِک پر رحمت کی نظر ہے، یااللہُ! یااللہ! ([1])
اي عاشقانِ رسول! اهي الله پاڪ جون قدرتون آهن، انهن ۾ جيترو غور ڪندا وينداسين، صرف حيرت ۾ ئي اضافو ٿيندو، انساني عقل حيران رهجي ويندو آهي ته اهي ڪهڙيون عظيم قدرتون آهن، جيڪي اسان جي چوڌاري موجود آهن، اسان انهن کي ڏسون ٿا، انهن نعمتن کي استعمال ڪريون ٿا، اهي سڀ جون سڀ نعمتون، ڪائنات جو ذرو ذرو گواهي ڏئي رهيو آهي ته