Book Name:Tauheed Ke Dalail
بڻجندا آهن ۽ اهي مٿي آسمان طرف ويندا آهن. قدرت جو عجيب ڪرشمو ڏسو! روزانو ڪروڙين گيلن پاڻي مٿي وڃي رهيو آهي، ڪڪرن ۾ جمع ٿي رهيو آهي، توهان مان ڪيترن ئي ماڻهن جهاز ۾ سفر ڪيو هوندو، جڏهن اسان جهاز ۾ ڪڪرن کان مٿي اڏامي رهيا هوندا آهيون، ان ڪروڙين گيلن پاڻيءَ جي جمع ٿيڻ جي ڪا به ٽينڪي وغيره نظر ناهي ايندي، اهو ڪٿي جمع ڪيو ويو آهي؟ ([1]) ڪڪرن جي اندر...!! سُبْحٰنَ الله!
وڌيڪ غور ڪريو! اسان کي جيڪڏهن پاڻي صاف ڪرڻو هجي ته ڪروڙين روپين جا پلانٽ لڳايا ويندا آهن، ان ۾ ڪيميڪل وجهندا آهيون، ان جي باوجود ڪجھ ليٽر ئي پاڻي صاف ٿي سگھي ٿو ۽ اهو به ايترو مٺو ناهي هوندو، جيترو مٺو مينهن ۾ وسندو آهي. غور ڪرڻ جو مقام آهي: پاڻي جڏهن مٿي ويو ته انتهائي کارو ۽ لوڻياٺو هو پر جڏهن مينهن جي صورت ۾ واپس آيو ته دنيا جو بهترين منرل واٽر بڻجي لهندو آهي. ان مينهن جي پاڻي کي قرآن ڪريم ۾ به مبارڪ پاڻي ٻڌايو ويو.
هاڻي هتي هڪ ٻيو مسئلو آهي، بخارات ڇو ته سمنڊ مان اٿندا آهن، تنهن ڪري مينهن انهيءَ ئي جڳھ تي وسندو، جتي سمنڊ آهن پر دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شهر، اهڙا ملڪ آهن جتي سمنڊ ئي ناهي ته ان جڳھ تي پاڻي ڪيئن پهچندو؟ الله پاڪ ٽرانسپورٽيشن سسٽم بڻايو، هوا ڪڪرن کي کڻي اوڏانهن ويندي آهي، جتي سمنڊ ناهن، اتي وڃي هي پاڻي وسندو آهي، هاڻي پاڻي ته هيٺ اچي ويو پر هڪ ٻيو مسئلو آهي، جيتري اسان کي ضرورت هئي، اوترو اسان استعمال ڪري وٺون ها، باقي پاڻي ته ضايع ٿي وڃي ها.
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ جي قدرتن تان قربان...!! ان ربِ ڪريم زمين کي هي صلاحيت ڏني آهي ته زمين پاڻي کي چوسي وٺندي آهي، هاڻي زمين جي اندر پاڻي جمع آهي، اسان کي جڏهن به ضرورت پوندي آهي، اسان بورنگ جي ذريعي پاڻي ڪڍي وٺندا آهيون، پوءِ دنيا جا جيترا به ٿڌا علائقا