اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

Book Name:اعوذ باللہ Parhnay Ke Fazail

نَينُویٰ نالي علائقي ۾ رهندا هئا، ڪفر ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئا، حضرت يونُس عَلَيهِ السَّلَام انهن کي ڏاڍو سمجهايو، نيڪي جي دعوت ڏني، اِيْمان ۽ دِين ڏانهن سڏيو پر اهي ماڻهو ڪفر ۽ شرڪ کان نه رُڪيا. آخر حضرت يونُس عَلَيهِ السَّلَام انهن کي عذاب جي وعيد ٻڌائي ڇڏي، ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي عذاب اچي ئي رهندو. هي ڳالهه جڏهن انهن ٻڌي ته انهن کي فِڪْر لاحق ٿي وئي.ڳوٺ جا جيڪي وڏا ۽ سياڻا ماڻهو هئا، اهي گڏجي ويٺا، سوچڻ لڳا ته حضرت يونُس عَلَيهِ السَّلَام ڪڏهن به ڪا ڳالهه غلط ناهي ڪئي. جيڪڏهن پاڻ عذاب اچڻ جو فرمايو آهي ته عذاب اچي ئي رهندو. پاڻ ۾ مشورو ٿيڻ لڳو ته هاڻي ڇا ڪجي. مشوري سان هي ڳالهه طَئي ٿي ته رات جو ڏسون: جيڪڏهن حضرت يونُس عَلَيهِ السَّلَام بستي ۾ ئي رهيا، ان جو مطلب هوندو ته عذاب نه ايندو. جيڪڏهن پاڻ تشريف وٺي ويا ته مطلب هوندو ته عذاب ايندو. تنهنڪري انهن ڪجهه ماڻهو پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي گهر مبارَڪ جي ويجهو مُقرَّر ڪري ڇڏيا! رات ٿي، حضرت يونُس عَلَيهِ السَّلَام بستي مان ٻاهَر تشريف وٺي ويا.

صبح ٿيو، عذاب جا آثار نظر اچڻ شروع ٿي ويا. هاڻي ماڻهو پريشان... ڪَن ته ڇا ڪن. حضرت يونس عَلَيهِ السَّلَام کي ڳولين ٿا ته ڪنهن طرح پاڻ تشريف وٺي اچن، اسان انهن جي هٿ تي ڪلمو پڙهون ۽ عذاب کان بچي وڃون پر پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام ته تشريف وٺي وڃي چڪا هئا. هاڻي انهن هڪ ترڪيب سوچي، ڇا  پوڙها، ڇا جوان، عورتون، ٻار، سڀ گهرن مان نڪتا، ٿلها لباس پهري، جهنگل ڏانهن نڪري ويا، سڀني الله پاڪ جي حُضُور گِڙگِڙائڻ شروع ڪري ڏنو: اي مالِڪِ ڪريم! اسان حضرت يونس عَلَيهِ السَّلَام تي ايمان آندو، اي مالِڪِ ڪريم! اسان تَوبَه ڪريون ٿا.

 ائين انهن رڙيون ڪري الله پاڪ جي پناهه گهري ته الله پاڪ انهن جي توبه کي قبول فرمائي ورتو ۽ اهو عذاب جيڪو انهن جي مٿن تائين پهچي چڪو هو، ان کان انهن کي نَجات عطا فرمائي ڇڏي.)[1](


 

 



[1]... تفسیر قرطبی،پارہ:9، سورۂ اعراف، زیرِ آیت:200، جلد:4، صفحہ:210۔