Book Name:Aulad Ke 3 Huqooq (Qist 1)
وضاحت: کجُور يا ڪا مٺي شيءَ پنهنجي وات ۾ چٻاڙي ٻار جي وات ۾ وجھڻ کي تَحنِيڪ چئبو آهي. ان کي گُھٽي يا سُتِي به سڏيو ويندو آهي. تَحنِيڪ (گھٽِي ڏيڻ) سنت آهي. ([1])
تَحنِيڪ بابت مدني گُلَ: ٭ تَحنِيڪ (يعني گھٽي ڏيڻ) وارو کجور يا ٻي ڪا مٺي شيءِ پنهنجي وات ۾ چٻاڙي نرم ڪري، پوءِ ٻار جي وات ۾ وجھي ٭ اڄڪلهه تَحنِيڪ (يعني گھٽي ڏيڻ) وقت کجور يا ٻي شيءَ وات ۾ چٻاڙڻ کان سواءِ ئي ٻار جي وات ۾ وِڌي ويندي آهي، اهو تَحنِيڪ (گھٽي ڏيڻ) جو صحيح طريقو نه آهي ٭ تَحنِيڪ ڪنهن نيڪ، صالح ۽ پرهيزگار شخص کان ڪرائڻ بهتر آهي، ان سان برڪتون حاصل ٿينديون. حضرت عائشه صديقه رَضِيَ اللہُ عَنْهَا کان روايت آهي ته نبي ڪريم رؤوف الرحيم صَلَّى اللہُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي بارگاهه ۾ ٻار آندا ويندا هئا، پاڻ صَلَّى اللہُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي لاءِ برڪت جي دعا ڪندا هئا ۽ تَحنِيڪ فرمائيندا هئا. ([2])
اڄ اسان اولاد جا 3 حق سکيا آهن، ٻيهر دهرائي وٺو!
(1) بهتر ماءُ جي چونڊ ڪرڻ (2) ٻار جي ڪنن ۾ آذان ڏيڻ (3) تحنيڪ ڪرڻ (يعني گُهٽي يا سُتي ڏيڻ)
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
فرض نماز کان بعد پڙهڻ واري دعا:
اَللّٰھُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْکَ السَّلَامُ تَبَارَکْتَ یَا ذَاالْجَلَالِ وَالْاِکْرَام