Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

Book Name:Dhal Jaaye Gi Yeh Jawani

دل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـہُ الْکَریم! چئي ڪري ان جو اظهار ڪيو: *   عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس *     بيان جا اهم نڪتا لکندس *  جيڪو ٻُڌندس، گهر وارن کي، ٻارن کي، دوستن احبابن کي ٻڌائي ڪري علمِ دين جو ثواب ڪمائيندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مستقبل روشن ڪرڻ جو فڪر

پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن انسان هوش سنڀاليندو آهي ته سمجھندو آهي ته بس مان هن دنيا ۾ اچي ويو آهيان، سو اچي ويو آهيان، هاڻي مون کي هتان رخصت ناهي ٿيڻو. اهوئي سبب آهي ته اڄ هر ڪو پنهنجي روشن مستقبل جي فڪر ۾ مگن آهي * ڪنهن کي پنهنجي قبر روشن ڪرڻ جو فڪر ناهي    * قيامت جي روشني بابت ڪو نٿو سوچي * پُل صراط جيڪا تلوار جي ڌار کان وڌيڪ تکي، وار کان وڌيڪ سنهي ۽ جهنم جي پُٺيءَ تي ٺهيل آهي ۽ ان سان گڏ وڏا وڏا انگوڙا لڳل هوندا جيڪي لنگھڻ وارن کي پڪڙي پڪڙي جهنم ۾ اڇلائي رهيا هوندا، افسوس! ان پُل صراط جي اونداهي کي روشن ڪرڻ جو ڪنهن کي فڪر ناهي.

اڄ هر شخص اهو ئي چاهي ٿو ته بس منهنجو دنياوي مستقبل روشن ٿي وڃي، چاهي ان لاءِ مون کي ڪافرن وٽ وڃڻو پوي يا پنهنجو ايمان داءُ تي لڳائڻو پوي! افسوس! بيشمار نوجوان پنهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن ته ويچارا اوچتو موت جو شڪار ٿي دلين ۾ روشن مستقبل جي حسرت کڻي اونداهي قبر ۾ وڃي پهچندا آهن! اچو هڪ اهڙي ئي نوجوان جو لرزائيندڙ داستان ٻڌو ۽ پنهنجي قبر ۽ آخرت روشن ڪرڻ جو فڪر ڪيو!

هڪ گھوٽ جو لرزائيندڙ داستان

حضرت سعيد بن هاشم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ڳوٺ جي هڪ شخص پنهنجي ڌيءَ جي شادي جي موقعي تي پنهنجي گھر ۾ رقص و سرود (يعني ڳائڻ وڄائڻ)