Ghatay Ka Soda

Book Name:Ghatay Ka Soda

آهي: نه ڪريان * هڪ دل چئي رهي آهي: هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪريان، هڪ دل چئي رهي آهي: نه ڪريان. دل ته سيني ۾ هڪ آهي، پوءِ هي ڇا معاملو آهي؟ هي اصل ۾ همزاد ۽ مُلْهِمْ جو معاملو آهي. همزاد شيطان آهي. جيڪو سڄي زندگي نيڪين کان روڪيندو رهندو آهي، گناهن جي رغبت ڏياريندو رهندو آهي ۽ ٻيو مُلْهِمْ آهي جيڪو فرشتو آهي اهو هميشه اسان کي نيڪي جي دعوت ڏيندو رهندو آهي.

هاڻي اسان تي آهي ته اسان ڪنهن جي ڳالهه مڃون ٿا. جيڪڏهن اسان مُلْهِمْ جي ڳالهه مڃينداسين، نيڪي جي رستي تي هلنداسين ته هدايت تي رهنداسين ۽ جنت جا حقدار بڻجنداسين، جيڪڏهن همزاد جي مڃي وٺنداسين ته هدايت جي راهه تان ڀٽڪجي وينداسين، گناهن ۾ پئجي جهنم ڏانهن هليا وينداسين. الله پاڪ اسان کي منافقن جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته

اُولٰٓئِکَ الَّذِیْنَ اشْتَرَوُا الضَّلٰلَۃَ بِالْہُدٰی ۪   

(سيپارو: 1، البقرة: 16)

 منافقن جو هي وصف آهي ته اهي هدايت کي ڇڏي ڏيندا آهن، گمراهي کي اختيار ڪري وٺندا آهن جڏهن ته مومن ٻانهي جي هي شان آهي ته اهو گمراهي ڇڏيندو آهي ۽ هدايت کي اختيار ڪندو آهي.

  تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان نقصان وارو سودو هرگز نه ڪريون، هميشه هدايت جي رستي تي رهون، ڪڏهن به هدايت جو رستو ڇڏي گمراهي ڏانهن نه وڌون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد