Book Name:Ghatay Ka Soda
آهي ته ماڻهو مون کي قرآن جو قاري چوندا * نيڪ عمل ڪيا پر رياڪاري ڪري ڇڏي، جنهن سبب جنت جا نه پر جهنم جا حقدار بڻجي وياسين. هي تمام نقصان وارو سودو آهي.
هڪ جملي سان 2 حج ضايع ڪري ڇڏيا
هڪ ڀيري حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪنهن شخص جي گهر دعوت تي تشريف وٺي ويا، ميزبان خادم کي چيو: انهن ٿانون ۾ کاڌو آڻ جيڪي مان ٻئي ڀيري حج جي سفر مان آندا هئا. حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اي مسڪين! تو هڪ جملي ۾ پنهنجا 2 حج ضايع ڪري ڇڏيا.([1])
نفسِ بدکار نے دِل پر یہ قیامت توڑی عَمَلِ نیک کیا بھی تو چھپانے نہ دیا([2])
رياڪار الله پاڪ سان بدديانتي ڪرڻ وارو آهي
روايتن ۾ آهي: هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جي ڏينهن ڪهڙي شيءِ نجات ڏياريندي؟ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ سان بدديانتي نه ڪرڻ. ان شخص وري عرض ڪيو: ٻانهو الله پاڪ سان بدديانتي ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ فرمايائون: اهڙي طرح جو تون الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانبرداري وارو ڪم غيرالله کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪرين. پوءِ رياڪاري کان بچندو رهه ڇو ته رياڪاري شرڪِ اصغر) آهي ۽ قيامت جي ڏينهن رياڪار کي 4 نالن سان سڏيو ويندو: (1): اي ڪافر! (2): اي بدڪار! (3): اي دوکي باز! (4): اي نقصان کڻڻ وارا! تنهنجو عمل خراب ٿيو، تنهنجو اجر برباد ٿيو، اڄ تنهنجي لاءِ ڪو حصو ناهي، اي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا! پنهنجو ثواب ان وٽ تلاش ڪر جنهن لاءِ عمل ڪندو هئين.([3])