Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 4)

Book Name:Waldain Ke 3 Huqooq (Qist 4)

مرڻ کان پوءِ هيئن ڪجو، ان کي وصيت چئبو آهي. ([1]) مثال طور والد مرڻ کان اڳ ۾ چيو ته * منهنجو هيترو مال صدقو ڪجو * منهنجي مال مان مسجد يا مدرسو وغيره تعمير ڪرائجو. والدين جي حقن مان آهي ته انهن جون جائز وصيتون پوريون ڪيون وڃن ۽ انهن جي هر جائز حڪم کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪڏهن انهن ڪنهن سان واعدو ڪيو هجي ته ان کي به  پورو ڪجي.

ضروري مسئلو:  وصيت بابت هي ياد رکو ته! * مال بابت وصيت، مثال طور: * منهنجو مال غريبن ۾ ورهائجو * منهنجو مال مسجد، مدرسي يا ڪنهن فلاحي اداري کي ڏئي ڇڏجو وغيره. اهڙي وصيت کي مال جي ٽئين حصي (يعني مڪمل مال جو ٽيون حصو) مان پورو ڪيو ويندو. جيڪڏهن والدين ٽئين حصي کان وڌيڪ مال جي وصيت ڪئي ۽ انهن جي وفات کان پوءِ سڀئي وارث ٽئين حصي کان وڌيڪ وصيت نافذ ڪرڻ جي اجازت ڏين ۽ سڀئي اجازت ڏيڻ جا اهل به هجن (يعني سڀ عاقل بالغ هجن) ته پوءِ ٽئين حصي کان وڌيڪ وصيت پوري ڪرڻ به جائز آهي.([2])

نوٽ:     وصيت جي مسئلن بابت تفصيلي معلومات جي لاءِ دار الافتاء اهلِسنت سان رابطو ڪريو.

 ٻيون حق:   والدين جي قبر جي زيارت ڪرڻ

وضاحت:  يعني والدين جي قبر تي وقت بوقت حاضري ڏيندو رهڻ، جيڪڏهن رستي ۾ والدين جي قبر ايندي هجي ته حاضري ڏيڻ کان سواءِ نه گذرڻ ۽ هفتي


 

 



[1]....تفسیر نعیمی ،پارہ :1،سورۂ بقرۃ ،تحت آیت :132،جلد:1،صفحہ:749۔

[2]....  فتاوی اہلسنت ،ریفرینس نمبر: Aqs-2017۔