Sayyidon Ki Barkatain

Book Name:Sayyidon Ki Barkatain

هڪ هڪ عمل جو حساب به ٿي رهيو هوندو. اندازو لڳايو! اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو چهرو مبارڪ ڏسڻ، دامنِ مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان چنبڙڻ جو شرف ملي وڃي ته پوءِ ٻيو ڇا گهرجي...!! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! هن هڪ ڪرم سان ئي قيامت جون سڀ منزلون آسان ٿي وينديون.

(2): اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٻيو ايمان افروز نڪتو لکيو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وعدو فرمائي رهيا آهن: جنهن اَهْلِ بيتِ پاڪ سان ڀلائي ڪئي، قيامت جي ڏينهن مان (مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) پاڻ ان جو بدلو عطا فرمائيندس.

پياري مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي عطائن ۽ سخاوتن جو هي عالم آهي جو

دھارے چلتے ہیں عطا کے، وہ ہے قطرہ تیرا

تارے کھلتے ہیں سخا کے وہ ذرَّہ تیرا[1]

وضاحت: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي سخاوت جي هڪ قطري جو هي عالم آهي ته جيئن درياھ موجون هڻي رهيو هجي، اوهان جي عطا ڪيل ذري ۾ ايتري چمڪ آهي جيئن سخاوت جا تارا روشن ٿي ويا هجن.

سُبْحٰنَ اللہ!  هاڻي غور فرمايو! جن جون عطائون اهڙيون باڪمال ۽ بي مثال هجن، جيڪي هڪ قطرو عطا فرمائي ڇڏين ته ڪيترين ئي نسلن کي ڪافي ٿي وڃي. اهي مَحْبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن قيامت جي ڏينهن عطائن جو دروازو کوليندا ته ڇا ڇا عطا فرمائي ڇڏيندا...!

تیرے صدقے مجھے اِک بُوند بہت ہے تیری


 

 



[1] حدائقِ بخشش، صفحہ:15۔