Book Name:Deen Aur Qurbani
مبارڪ جهوليءَ ۾ رکي ورتو) وَ مَسَحَ عَنْ وَجْہِہِ التُّرَابَ بِثَوْبِہٖ (۽ پنهنجن ڪپڙن سان سندن چهري جي مٽي صاف ڪيائون) ۽ فرمايائون: مَا اَطْیَبَ رِیْحَکَ وَ اَحَبَّکَ اِلَی اللہِ وَ رَسُوْلِہٖ (اي سعد!) تنهنجي خوشبو ڪيتري پياري آهي، تون الله ۽ رسول جو ڪيترو پيارو آهين...!! الله! الله! حضرت سعد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي ان نصيب تي هزار جانيون فدا هجن، ڪهڙو نرالو نصيب آهي، زمانو جن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ ترسي ٿو، ملائڪ جن جي در تي حاضري جي خواهش ڪن ٿا، اهي بلند رتبي وارا نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو امتي هجڻ جي خواهش انبياء ڪئي، اهي محبوب خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي صحابي تي ڪهڙي شفقت فرمائي رهيا آهن، جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جو مٿو پنهنجي جهوليءَ ۾ رکيو هوندو، پنهنجن ڪپڙن سان سندن چهري جي مٽي صاف ڪئي هوندي، صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي انهن تي ڪهڙو رشڪ آيو هوندو...!! پر هي انعام هتي ئي ختم نه ٿيا، روايت ۾ آهي: پياري آقا، رسول خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم رُنا، پوءِ مسڪرايا ۽ پنهنجو مبارڪ چهرو هڪ طرف ڦيرائي ڇڏيو ۽ فرمايائون: وَرَدَ الْحَوْضَ وَ رَبِّ الْکَعْبَۃِ (ربِ ڪعبه جو قسم! سعد حوضِ ڪوثر تي پهچي چڪو آهي . (صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان پهريان رونا، پوءِ مسڪرايا ۽ مبارڪ چهرو هڪ طرف ڦيرائي ڇڏيو، ان ۾ ڪهڙي حڪمت هئي. فرمايائون: مان سعد جي محبت ۾ رُنو هئس ۽ الله پاڪ سعد کي جيڪو مقام عطا فرمايو آهي، ان کي جنهن عزت سان نوازيو آهي، ان کي ڏسي مسڪرائي ڏنم ۽ مون ڏٺو ته جنتي حورون جيڪي سعد جي نڪاح ۾ ڏنيون ويون آهن، اهي ڊوڙنديون، ان طرف اچي رهيون هيون، انهن کان حيا سبب مون پنهنجو چهرو ڦيرائي ڇڏيو هو.([1])