Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

والدين جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  اسان کي والدين سان نيڪي ۽ ڀلائي جو حڪم ڏنو آهي. هي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي. والدين جا کوڙ سارا حق آهن، جن مان 3 اسان پهريان سکي چڪا آهيون 3 اَڄ سکنداسين. اچو! پهريان سکيل حقوق دهرايون ٿا: (1) اطاعت ۽ فرمانبرداري (2) والدين کي راضي رکڻ  (3) والدين جي خدمت ڪرڻ.

وڌيڪ 3 حقوق جيڪي اَڄ سکڻا آهن:

پهريون حق:  والدين جو     ادب  ۽  احترام

وضاحت:  دينِ اسلام والدين جي ادب ۽ احترام جي گهڻي تاڪيد فرمائي آهي. والدين جي ادب ۽ احترام جون ڪيتريون ئي صورتون آهن. مثال طور: ٭ والده يا والد کي ايندو ڏسو ته تعظيم طور اٿي بيهو.٭ سندن اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه نه ڪريو.٭ جيڪڏهن اهي سڏين ته فوراً حاضر ٿيو.٭ ادب سان ۽ ’اوهان‘ چئي ڳالهايو.٭ سندن موجودگيءَ ۾ هرگز پنهنجو آواز بلند نه ڪريو، وغيره وغيره. اڄڪلهه هن حق ڏانهن توجهه تمام گهٽ آهي. ٭ ماءُ پيءُ جي سامهون آواز بُلند ڪرڻ، ٭ اُنهن سان اُلجهڻ، وڙهڻ، ٭ ”توهان اسان لاءِ ڪيو ئي ڇا آهي؟“ جهڙا بي ادبي وارا ۽ دل ڏکوئيندڙ جملا چوڻ، ٭ سندن غيبت ڪرڻ، ٭ دوستن ۽ يارن جي سامهون سندن گلا ڪرڻ وغيره عام ٿي ويو آهي. بلڪه ماءُ پيءُ کي مارڻ ۽ معاذ الله! قتل ڪري ڇڏڻ جون خبرون به اخبارن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن. الله پاڪ اسان کي ماءُ پيءُ جي بي ادبين کان محفوظ فرمائي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو آهي : ٭ پنهنجي پيءُ کان اڳيان نه هلو. ٭ کين گاريون نه ڏيو. ٭ سندن ويهڻ کان اڳ نه ويهو.