Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

سکڻ  ۽  سيکارڻ جي حلقن جو  جدول

 (1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

 اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ والدين جا 3 حق (ٻيون حصو) سيکاريا ويندا ۽ ڪنهن قوم کان خطري جي وقت جي دعا ياد ڪرائي ويندي. ۽ آخر ۾ نيڪ اعمالن جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمان آهي: ”مون تي دُرُود شريف پڙهو، الله پاڪ توهان تي رحمت نازل فرمائيندو.“ ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                   صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 والدين جا 3 حق (قسط پهرين)

آيت مبارڪه

اَنِ اشْكُرْ لِیْ وَ لِوَالِدَیْكَؕ    (پارہ :21،سورۂِ لقمان :14)

ترجمو ڪنزالعرفان: ته منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو شڪريو ادا ڪيو.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

  پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ”وقت تي نماز پڙهڻ کان پوءِ افضل عمل والدين سان حُسنِ سلوڪ ڪرڻ آهي.  ([2])


 

 



[1]... جامع صغیر ، صفحہ: 310،حدیث:5032۔

[2]... بخاری ،كتاب الجہاد والسیر ،باب فضل الجہاد و السیر،صفحہ: 724،حدیث2782،ملخصًا۔