Book Name:Farooq e Azam Ki Nirali Shanein
بَيْتُ الْمُقدَّسْ ڏانهن روانو ڪيو، حضرت ابوعبيده بن جَرَّاح رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ لشڪر سان گڏ بَيْتُ الْمُقَدَّسْ پهتا، ڪافرن جي قلعي جو محاصرو (يعني گهيرو) ڪيو، تقريبن 4 مهينن تائين اها جنگ هلندي رهي پر ڪو نتيجو نه نڪتو.
بَيْتُ الْمُقَدَّسْ ۾ ڪافرن جو هڪ وڏو راهب هو، هڪ ڏينهن اهو راهب قلعي جي ڀت تي چڙهيو ۽ حضرت ابوعُبَيْدَه بِنْ جَرَّاح رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي مخاطب ڪري چيائين: اسان هر حال ۾ توهان سان جنگ ڪنداسين، اسان جي شهر کي صرف هڪ ئي شخص فتح ڪري سگهي ٿو، ان جا وصف اسان جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، توهان اهي ناهيو.
حضرت ابوعُبَيْدَه بن جَرَّاح رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: اهو ڪير هوندو؟ توهان جي ڪتابن ۾ ان جا ڪهڙا وصف لکيل آهن؟ راهب چيو: اهو مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم) جو امتي هوندو، ان جو نالو عمر بن خطّاب هوندو، ماڻهو کيس فاروق چوندا، ديني معاملي ۾ نهايت سخت هوندا، الله پاڪ جي معاملي ۾ ماڻهن جي ملامت جي پرواهه نه ڪندا.
حضرت ابوعبيده بن جَرَّاح رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ راهب جي اها ڳالهه ٻڌي مرڪيا ۽ خوشيءَ سان فرمايائون: فَتَحْنَا الْبَلَدَ وَ رَبِّ الْكَعْبَةِ يعني ربِ ڪعبه جو قسم! اسان هي شهر فتح ڪري ورتو. پوءِ حضرت ابوعُبَيْدَه بِنْ جَرَّاح رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي خط لکي بَيْتُ الْمُقدَّسْ اچڻ جي عرض ڪئي، حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ تشريف وٺي آيا، اهو نصراني راهب حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي ڏسندي ئي سڃاڻي ويو ۽ هن پنهنجي قوم کي سڏي چيو: اي ماڻهو! هي اهي ئي آهن، جن جو ذڪر اسان جي ڪتابن ۾ آهي، اهي ئي اسان جو شهر فتح ڪندا.
پوءِ انهن ڪافرن بغير جنگ جي ئي بَيْتُ الْمُقَدَّسْ حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي حوالي ڪري ڇڏيو.([1])
فارقِ حق و باطل امامُ الہُدیٰ تیغِ مَسْلُولِ شدت پہ لاکھوں سلام