Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

Book Name:Sikhne Sikhane Ke Halqon Ka Jadwal

والدين جا 3 حق

پيارا اسلامي ڀائرو! الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي والدين سان نيڪي ۽ ڀلائي جو حڪم ڏنو آهي. هي جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو عمل آهي. اچو! ته والدين جا 3 حق سکون ٿا:

پهريون حق: اطاعت ۽ فرمانبرداري

وضاحت: امڙ ۽ ابي جي هر جائز ڳالهه مڃڻ فرض آهي. ([1])  ان ڪري جڏهن به ماءُ پيءُ ڪنهن ڳالهه جو حڪم ڏين يا ڪنهن ڳالهه کان منع ڪن ته فوراً انهن جي ڳالهه مڃي وٺو! ادب انهيءَ ۾ ئي آهي ته روزانو جي ننڍن ننڍن ڪمن ۾ به انهن جي فرمانبرداري ڪئي وڃي، مثال طور: ٭ والده بازار مان ڪا شيءِ آڻڻ لاءِ چيو، ته فوراً آڻي ڏجي. ٭ ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ٻاهران ڀري اچڻو پوندو آهي، جيڪڏهن انهن ائين ڪرڻ جو چيو، ته ڀري اچجي. ٭      حڪم ڏنائون ته: موبائيل نه هلايو! ته نه هلايو! ٭  حڪم ٿيو: جلدي سمهي پئو! ته جلدي سمهي پئو! مطلب ته؛ ماءُ پيءُ اٿڻ جو چون ته ٻانهو اٿي, ويهڻ جو چون ته ويهي رهي. اهڙيءَ طرح هر هر ڳالهه ۾ انهن جي فرمانبرداري ڪئي وڃي. انهيءَ ۾ ئي ادب آهي، اهو ئي ضروري آهي. جيڪڏهن اسان جي ڳالهه نه مڃڻ سبب سندن دل ڏکي ٿي ته مَعَاذَ اللہ! الله پاڪ ناراض ٿي سگهي ٿو. حديث پاڪ ۾ آهي: ”جنهن اهڙي حالت ۾ شام ڪئي جو ماءُ پيءُ جي باري ۾ الله پاڪ جي نافرماني ڪندڙ هجي، ان لاءِ جهنم جا ٻه دروازا کلي ويندا آهن.“ ([2])

نوٽ: جيڪڏهن ماءُ پيءُ ڪنهن ناجائز ڪم جو حڪم ڏين ته ان ۾ انهن جي اطاعت جائز ناهي، ڇو ته الله ۽ رسول جو حق ماءُ پيءُ کان وڌيڪ آهي. البته ان صورت ۾ به انهن جي بي ادبي جي اجازت نه هوندي، مثال طور: جيڪڏهن ماءُ پيءُ ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو چون ته انهن سان بحث ۽ جهيڙو نه ڪيو، بلڪه ادب سان معذرت ڪري ڇڏيو يا خاموشي اختيار ڪيو.


 

 



[1]... فتاوی رضویہ ،جلد:21،صفحہ:157،بتغیر قلیل ۔

[2]... شعب الايمان ،باب فی بر الوالدین ،جلد:6،صفحہ:206،حدیث:7916۔