Book Name:Lambi Zindagi kay Fazail
آهن، مثال طور: ذوالحج جي مهيني ۾ حج ادا ڪيو ويندو آهي، ماهِ رمضان ۾ روزا فرض آهن، اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي اسلامي حڪم ۽ حلال ۽ حرام جو تعلق اسلامي مهينن سان آهي، جيڪڏهن مهينن کي ئي اڳتي پوئتي ڪيو وڃي ته ڪيترن ئي اسلامي حڪمن ۾ تبديلي ٿي ويندي. ان ڪري جاهليت واري زماني جي ان جاهلانه رسم کي ختم ڪيو ويو ۽ اسلامي مهينن جي ترتيب درست ڪئي وئي.([1]) ارشاد ٿيو:
اِنَّ عِدَّۃَ الشُّہُوۡرِ عِنۡدَ اللّٰہِ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجموڪنزُالعرفان: بيشڪ مهينن جي ڳڻپ الله وٽ.
يعني اسلامي سال جنهن جي تاريخ ۽ مهينا چنڊ جي حساب سان بدلبا آهن، الله پاڪ وٽ ان جا ڪل مهينا ڪيترا آهن؟ فرمايائون:
اِنَّ عِدَّةَ الشُّهُوْرِ عِنْدَ اللّٰهِ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ٻارنهن مهينا آهن
نه 13، نه 11 بلڪه پورا 12 آهن. وڌيڪ فرمايو:
فِیْ كِتٰبِ اللّٰهِ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجموڪنزُالعرفان: الله جي ڪتاب ۾.
يعني انهن مهينن جي هيءَ ڳڻپ لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي، ڪڏهن کان لکيل آهي؟
یَوْمَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ (سيپارو: 10، توبھ: 36)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جڏهن کان ان آسمان ۽ زمين بڻايا