Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
40 ڏينهن رهندو. ٭ انهن مان پهريون ڏينهن هڪ سال جي برابر هوندو. ٭ ٻيو ڏينهن هڪ مهيني جي برابر. ٭ ٽيون ڏينهن هفتي جي برابر. ٭ باقي ڏينهن 24 ڪلاڪن جا هوندا. دجال انهن 40 ڏينهن ۾ پوري دنيا جو چڪر لڳائيندو. مڪي ۽ مديني ۾ داخل نه ٿي سگهندو. ٭ ان جو فتنو تمام شديد هوندو. ٭ ان سان گڏ هڪ باغ ۽ هڪ باھ هوندي، هي باغ جو نالو جنت رکندو ۽ باھ جو نالو دوزخ رکندو. ٭ خدائيءَ جي دعوا ڪندو. مردا زنده ڪندو. زمين ان جي حڪم تي ساوڪ پيدا ڪندي. ٭ آسمان ان جي حڪم سان مينهن وسائيندو. ٭ ان کي مڃڻ وارا تمام مالدار ٿي ويندا. ٭ ويرانن ۾ ويندو ته زمين جي اندر جا خزانا نڪري نڪري ان سان گڏ ٿي ويندا. هن طرح جا ٻيا به ڪيترائي شعبدا ڏيکاريندو پر حقيقت سان انهن جو ڪو تعلق نه هوندو، اهي سڀ جادو جا ڪرشما هوندا. ٭ هي مديني ۾ وڃڻ چاهيندو پر وڃي نه سگهندو، ان وقت مديني پاڪ ۾ 3 زلزلا ايندا، اتي جيڪي منافق ظاهري طور تي مسلمان بڻجي رهيل هوندا، زلزلن کان ڊڄي ڀڄندا ۽ دجال سان گڏجي ويندا. ٭ دجال جي مٿي تي ڪ، ف، ر (يعني ڪافر) لکيل هوندو، ان کي هر مسلمان پڙهندو، غير مسلم نه پڙهي سگهندا.
جڏهن هي سڄي زمين ۾ ڦري ڦري فتنو پکيڙي ملڪ شام پهچندو، اهو نماز فجر جو وقت هوندو، تڏهن حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام آسمان تان لهندا. دجال، حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي ساھ جي خوشبوءِ سان ئي ائين پگهرندو، جيئن پاڻيءَ ۾ لوڻ پگهرجندو آهي. دجال سندن ساھ کان پري ڀڄندو، پاڻ ان جي پٺيان تشريف وٺي ويندا ۽ ان جي پٺيءَ ۾ نيزو هڻي جهنم پهچائي ڇڏيندا. ([1])