Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

دشمن به چاهين ته به برائي نٿا ڪري سگهن. اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته:

وہ کمالِ حُسْنِ حُضُور ہے کہ گمانِ نقص جہاں نہیں

وہی پھول خار سے دُور ہے، وہی شمع ہے کہ دُھواں نہیں

وضاحت: سرڪار دوعالم، شاھ بني آدم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حسن و جمال جو ڪمال اهو آهي ته ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪمي هجڻ ته پري جي ڳالھ آهي، ڪنهن ڪمي جو گمان به نٿو ڪري سگهجي. عام طور تي گل سان گڏ ڪنڊو به هوندو آهي، شمع (موم بتي) سان گڏ دونهون به هوندو آهي، پر آقا ڪريم           صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رسالت جي باغ جا اهڙا گل آهن جنهن ۾ ڪو ڪنڊو ناهي ۽ پاڻ اهڙي شمع آهن جنهن ۾ ڪو دونهون ناهي.

ابولهب جو هڪ پٽ هو: عُتيبه. هن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخت ترين گستاخي ڪئي هئي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن جي خلاف دعا فرمائي: اي الله پاڪ! هن تي پنهنجن ڪتن مان هڪ ڪتو مسلط فرماءِ. اها ڳالھ جڏهن ابولهب کي خبر پئي ته هن تڙپي ڪري چيو هو: خدا جو قسم...!! هن ڪائنات ۾ محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کان وڌيڪ سچو ڪو به ناهي، جيڪڏهن هنن جي زبان مان اهو نڪتو آهي ته منهنجي پٽ سان ائين ٿي رهندو.

ان کان پوءِ هن کي پنهنجي پٽ جو تمام گهڻو فڪر ٿيڻ لڳو، هن ڪوشش به تمام گهڻي ڪئي ان کي بچائڻ جي پر

تمہارے مُنہ سے جو نکلی وہ بات ہو کے رہی

ابولهب جون سڀ ڪوششون بيڪار ويون، ان جي پٽ کي جهنگلي شينهن چيري ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو. اهو شينهن به عاشق رسول هو، هن گستاخ رسول جو