Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

ماڻهو ويور شپ (viewerShip) وڌائڻ لاءِ طرح طرح جون ڳالهيون دجال جي باري ۾ ڪندا رهندا آهن ته فلاڻي علائقي ۾ ٻار پيدا ٿيو، هو هڪ اک وارو آهي، اهو دجال آهي، ان جي هن طرح پرورش ڪئي پئي وڃي وغيره وغيره. سڀ ڪوڙا قصا ڪهاڻيون آهن. صحيح ڳالھ اها آهي جيڪا حديث پاڪ ۾ ارشاد ٿي ته دجال پيدا ٿي چڪو آهي ۽ ڪڏهن شام جي سمنڊ ۾ قيد هوندو آهي، ڪڏهن يمن جي سمنڊ ۾ قيد هوندو آهي ۽ قيامت جي ويجهو جڏهن نڪرندو ۽ مديني جي مشرقي طرف جيڪو سمنڊ آهي، اتان جي قيدخاني مان نڪرندو.

پوءِ هتي هڪ ٻي ڳالهه تي به غور فرمايو! دجال آهي ڪافر، مردود آهي، خدائي جي دعوا ڪندو، ڪيترن هزارن کي جهنم جو حقدار بڻائيندو پر حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان نرالو آهي. دجال جيڪو ڪافِر به آهي. ڪافر گر (ڪافر بڻائيندڙ) به آهي پر محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف ڪئي بغير رهي نه سگهيو. هن حضرت تميم داري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي ٻڌايو ته عرب جي حق ۾ اهو ئي بهتر آهي ته  هُو نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهي وٺن.

مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   هن مقام تي فرمائن ٿا: 2 شخص آهن جن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڪافرن ڏني هئي:       (1): هڪ حضرت تميم داري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ته دجال جي ترغيب تي هنن ڪلمو پڙهيو (2): ٻيا حضرت سفيان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ، پاڻ ملڪ شام ۾ تجارت لاءِ ويا هئا، اتي هِرقۡل بادشاھ جيڪو غير مسلم هو، ان حضرت سفيان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي ٻڌايو ته هو سچو نبي آهي. هرقل کي ڪلمو نصيب نه ٿيو، حضرت سفيان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ڪلمو پڙهي صحابيت جي اعليٰ درجي تي پهچي ويو.[1]

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! الله پاڪ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اهڙو باڪمال بڻايو آهي جو


 

 



[1]... مراۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:308 بتصرف۔