Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

ٻڌايو: ها! ٿيون آهن. چوڻ لڳو: عرب لاءِ اهو ئي بهتر آهي ته نبي اُمّي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانبرداري ڪن).

هاڻي هو چوڻ لڳو: مان هاڻي توهان کي پنهنجي باري ۾ ٻڌايان ٿو؛ مان دجال آهيان. جلد ئي مون کي نڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، مان 40 ڏينهن ۾ پوري زمين جو چڪر لڳائيندس، هر هر ڳوٺ، هر هر شهر ۾ ويندس. ها! مڪي ۽ مديني ۾ مون کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.

پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو واقعو ٻڌائيندي ٻڌائيندي جڏهن هن مقام تائين پهتا ته مديني جي محبت سان پرجوش ٿي پنهنجو عصا مبارڪ منبر تي هنيائون ۽ فرمايائون:        ہٰذِہٖ طَیْبَہ ہٰذِہٖ طَیْبَہ ہٰذِہٖ طَیْبَہ هي طيبه آهي، هي طيبه آهي، هي طيبه آهي.

سُبْحٰنَ اللہ!  ان کان پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا هي سڀ اُهي ئي ڳالهيون نه آهن جيڪي مان توهان کي ٻڌائيندو هيس؟ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم عرض ڪيو: جي ها! يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي ته اُهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهان اسان کي پهريان ٻڌائيندا هئا.

ان کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٻڌي وٺو! دجال بحر شام ۾ قيد هوندو آهي يا بحر يمن ۾. اڄڪلھ انهن ٻنهي ۾ ناهي، جڏهن نڪرندو ته مشرق جي طرف کان ايندو.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ هڪ ته دجال بابت معلومات آهي ته دجال قيامت جي ويجهو پيدا نه ٿيندو. [2] هو پيدا ٿي چڪو آهي، ان کي قيد مان نڪرڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا وغيره تي غلط معلومات ڏني ويندي آهي، دجال جو معاملو جيئن ته خوفناڪ به آهي ۽ حيرت انگيز به، ان ڪري


 

 



[1]... مسلم، کتاب الفتن...الخ، باب قصۃ الجساسۃ، صفحہ:1127، حدیث:2942ملخصاً۔

[2]... فتح الباری، کتاب الفتن، باب ذکر الدجال، جلد:13، صفحہ:114، زیرِ حدیث:7131 خلاصۃً۔