Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
هاڻي حضرت تميم داري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سان جيڪو ڪجهه پيش آيو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو واقعو منبر تي ويهي بيان ڪيو، حضرت تميم داري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ چون ٿا: اسان 30 ماڻهو هئاسين، بحري سفر تي روانا ٿياسين. ان دوران سخت لهرون آيون جن اسان جي بحري جهاز کي ان جي رستي تان هٽائي ڇڏيو. اسان هڪ مهيني تائين ايئن ئي سمنڊ ۾ گهمندا رهياسين. هڪ ڏينهن مغرب جو وقت هو، اسان کي هڪ ٻيٽ (island) نظر آيو. اسان ان ٻيٽ تي لٿاسين. اتي اسان کي هڪ چوپايو (چار ٽنگن وارو جانور) نظر آيو. ان جي جسم تي وار ئي وار هئا، ايترا وار هئا جو ان جو چهرو ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. ان جانور اسان سان ڳالهائيندي چيو: مان هڪ جاسوس آهيان. اڳتي هلو، هتي هڪ گرجا گهر آهي، اتي هڪ شخص توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي. فرمائن ٿا: ان چوپائي جي ڳالهين کان اسان ڊڄي وياسين ته متان هي جنات وغيره نه هجن.
خير! اسان گرجا گهر ۾ پهتاسين، اتي ايتري وڏي جسم وارو انسان هو جو اسان اهڙو ڪٿي به نه ڏٺو هو. ان کي مضبوط ترين زنجيرن سان ٻڌو ويو هو. اسان پڇيو: تنهنجو برو ٿئي، تون ڪير آهين؟ چيائين: پهرين توهان ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو؟ اسان ان کي ٻڌايو ته اسان عرب جا رهڻ وارا آهيون ۽ رستو ڀلجي هتي اچي پهتا آهيون. ان پڇيو: بيسان نالي باغ بابت ٻڌايو! ڇا ان ۾ ميوا لڳندا آهن؟ اسان چيو: ها! ان ۾ ميوا لڳندا آهن. ان چيو: عنقريب اهو باغ تباھ ٿي ويندو. پوءِ چيائين: بُحَيۡرَه طبريه ڍنڍ (يعني انگريزي Sea Of Galilee، هي فلسطين جي ويجهو هڪ وڏي ڍنڍ آهي) ڇا ان ۾ پاڻي آهي؟ اسان چيو: ها! اها پاڻي سان ڀريل آهي. چوڻ لڳو: جلد ئي ان جو پاڻي سڪي ويندو. اهڙي طرح پوءِ ان وڌيڪ هڪ سوال پڇيو ته مون کي نبي اُمي بابت خبر ڏيو. اسان چيو: هو مڪي ۾ هئا، هنن نبوت جي دعوا فرمائي، هاڻي مديني پاڪ ڏانهن هجرت ڪري چڪا آهن. چيائين: ڇا عرب جون ان سان جنگيون ٿيون آهن؟ اسان اُن کي