Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

هر اهو ڪم (جيڪو شرعاً درست هجي ۽) الله پاڪ جي رضا لاءِ ڪيو وڃي، ان کي عبادت چوندا آهن. جيڪڏهن ڪو بندو اهو ئي نيڪ ڪم الله پاڪ جي رضا کان علاوه ڪنهن ٻئي ارادي سان ڪري ته اهو رياڪاري آهي. ([1])  مثال طور نماز پڙهڻ عبادت آهي، جيڪڏهن ڪو نماز پڙهندو آهي پر الله پاڪ جي رضا لاءِ نٿو پڙهي، ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پڙهي ٿو، اهڙو شخص رياڪار چورائيندو.

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اسان کي رياڪاري کان به بچڻو آهي. ٭ ڏيکاءَ لاءِ ڪو به عمل نه ڪريون. ٭ نيڪين تي نيڪيون ڪريون.       ٭ نمازون پڙهون. ٭  سجدا ڪريون. ٭ ذڪر ۽ درود سان زبان تر رکون. ٭  روزا رکون. ٭ عمرا ڪريون. ٭  حج ڪريون. ٭ صدقو خيرات ڏيون، ٭ ڪاش ائين ٿئي جو ساري زندگي نيڪين ۾ ئي گذري پر اهي سڀ نيڪيون صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا لاءِ ڪريون، پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪريون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! باڪردار ۽ بااخلاق مسلمان بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم قافلو به آهي.

بيشڪ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ، ان راهه ۾ مشقت برداشت ڪرڻ نبين جي سنت آهي. ٭ دين جو ڪم مشڪلاتون برداشت ڪرڻ ۽ قربانيون ڏيڻ سان ئي ٿيندو آهي


 

 



[1]...ریاکاری، صفحہ:7۔