Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْہُ سان خوب محبت رکو! ۽ ان کي دل ۾ وڌائيندا رهو.

خدا بھی اور نبی بھی، خود علی بھی اس سے ہیں ناراض

عَدُو اُن کا اُٹھائے گا قیامت میں پریشانی

عَداوت اور کینہ اُن سے جو رکھتا ہے سینے میں

وہی بدبخت ہے ملعون ہے، مردود شیطانی

ہم اُن کی یاد کی دُھومیں مچائیں گے قیامت تک

پڑے     ہو     جائیں     جل     کر     خاک     سب     اَعْدائے     عثمانی([1])

دجال کان به وڏو فتنو

پيارا اسلامي ڀائرو! دجال ته جڏهن ايندو، سو ايندو، الله پاڪ اسان کي ۽ اسان جي نسلن کي ان فتني کان محفوظ فرمائي. هڪ فتنو دجال کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. اهو ڇا آهي؟ ٻڌو! حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان ويٺي دجال جي فتني بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، ايتري ۾ خوش اخلاق نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي دجال بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌو ته فرمايائون: ڇا مان توهان کي ان شيءِ بابت نه ٻڌايان جنهن جو مون کي توهان بابت دجال کان به وڌيڪ خوف آهي؟ اسان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇو نه (ضرور ارشاد فرمايو!)، ان تي ٻنهي جهانن جي سردار، مڪي مدني سلطان     صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: شرڪ خفي (يعني رياڪاري، دجال جي فتني کان وڌيڪ خطرناڪ آهي). ([2])

رياڪاري ڇا کي چوندا آهن...؟


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:584-585۔

[2]...ابن ماجہ، کتاب:الزہد، باب:الریاءوالسمعۃ، صفحہ:682، حدیث:4204۔