Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
ڪوڙ نه ڳالهائي، ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏيون. پنهنجي لاءِ پسند آهي ته ڪو مون کي دوکو نه ڏئي، ٻين کي دوکو ڏيڻ ڇڏي ڏيون. ائين اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! ايمان مضبوط ٿي ويندو.
جيڪڏهن ايمان مضبوط ٿي ويو ته دجال ته ڇا، دجال جو پيءُ به اسان کي گمراهه نٿو ڪري سگهندو.
حديث پاڪ ۾ آهي: هڪ شخص کي دجال جا سپاهي پڪڙي کڻي ويندا. اهو مومن ٻانهو جيئن ئي دجال کي ڏسندو ته پڪاري چوندو: اي انسانو...!! هي اهو ئي دجال آهي، جنهن بابت رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌايو هو. دجال پنهنجي سپاهين کي چوندو: هن کي هتي ليٽايو ۽ خوب پٽائي ڪريو! پوءِ ان مومن ٻانهي کي خوب ماريو ويندو. ماري ماري برو حال ڪيو ويندو. هاڻي دجال چوندو: ڇا توهان مون کي خدا مڃو ٿا؟ اهو مومن ٻانهو چوندو: تون ڪاڻو دجال آهين. هاڻي دجال حڪم ڏيندو: آرو آڻيو. آرو مشين آندي ويندي، ان مومن ٻانهي جا ٻه ٽڪرا ڪيا ويندا. پوءِ دجال انهن ٽڪرن کي جوڙي ان کي ٻيهر زنده ڪري ڇڏيندو. هاڻي چوندو: ڇا مون کي خدا مڃو ٿا؟ اهو مومن ٻانهو چوندو: هاڻي ته مون کي اڃا به وڌيڪ يقين ٿي ويو آهي ته تون ئي دجال آهين (ڇاڪاڻ ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو هو ته تون هڪ شخص کي ائين قتل ڪري ٻيهر زنده ڪندين).([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو پڪو ايمان آهي. ڪاش! اسان کي به اهڙو پڪو ايمان نصيب ٿئي.
پيارا اسلامي ڀائرو! دجال جي فتني کان بچڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته