Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

تر ڪيون. قرآن ڪريم ۾ حڪم ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اٰمِنُوۡا (پارہ:5، النساء:136)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! ايمان رکو!

    علماءِ تفسير ان جي وضاحت فرمائن ٿا: اِزْدَادُوا فِی الْاِیْمانِ يعني معنيٰ اها آهي ته اي ايمان وارؤ! پنهنجي ايمان کي وڌيڪ مضبوط ڪريو! ([1])

٭ ڪلمو ته پڙهي ورتو، ٭ هاڻي ان تي استقامت سان قائم به رهو! ٭ ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي ان جي تقاضائن تي به عمل ڪريو! ٭ ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي ايمان جا شعبا تمام گهڻا آهن، انهن شعبن کي به اختيار ڪريو! ٭ ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي ايمان ۾ وڌ کان وڌ ترقي ڪندا هلو! ٭ ڪلمو ته پڙهي ورتو، هاڻي پنهنجي ايمان جي ڪمال جي فڪر ۾ لڳي وڃو!

ايمان مضبوط ڪرڻ جا طريقا

اهو ڪيئن ٿيندو؟ حديثن ۾ ان جو طريقو ٻڌايو ويو آهي. پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جو قسم! بندو ان وقت تائين ڪامل مؤمن نٿو ٿي سگهي، جيستائين پنهنجي مسلمان ڀاء لاءِ اهو ئي پسند نه ڪري، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو. ([2])

خبر پئي؛ اسان جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪيون ٿا، اهو ئي ٻين لاءِ پسند ڪرڻ شروع ڪري ڏيون، اسان جو ايمان مضبوط ٿي ويندو. پنهنجي لاءِ عزت پسند آهي، ٻين کي عزت ڏيڻ شروع ڪري ڏيون. پنهنجي لاءِ ڀلائي پسند آهي، ٻين سان ڀلائي ڪرڻ شروع ڪري ڏيون. پنهنجي لاءِ پسند آهي ته ڪو مون سان


 

 



[1]... روح المعانی، پارہ:5، النساء، زیرِ آیت:136، جز:5، جلد:3، صفحہ:221۔

[2]... کنز العمال، کتاب الایمان، جز:1، جلد:1، صفحہ:36، حدیث:96۔