Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اڄ بک برداشت ڪرڻ مشڪل آهي، ان وقت ته ڏڪار هوندو، مسلمان ڪيئن پنهنجو ايمان بچائي سگهندا؟ فرمايائون: مسلمان تسبيح ڪندا، ان سان ئي انهن جون جسماني ضرورتون پوريون ٿي وينديون.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو وڏو شان آهي. اڄ اسان سبحان الله چئون ٿا ته دل کي سڪون ملندو آهي، روح کي تازگي نصيب ٿيندي آهي. ان وقت مسلمان سُبْحٰنَ اللہ چوندا ته دل کي به سڪون ملندو ۽ اها ئي تسبيح کاڌي، پاڻي جو به ڪم ڪندي، پيٽ به ڀرجي ويندو.
پيارا اسلامي ڀائرو! ان مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان کي ذڪر الله جي عادت بڻائڻ گهرجي. سُبْحٰنَ اللہ!، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ، الله اڪبر، اهي پيارا پيارا پاڪيزه الفاظ آهن، انهن سان پنهنجي زبان تر رکڻ گهرجي. حديث پاڪ ۾ آهي: 2 ڪلما آهن، الله پاڪ کي تمام پيارا آهن، زبان تي تمام هلڪا آهن (جو آساني سان پڙهي سگهجن ٿا)، ميزانِ عمل تي تمام ڳرا هوندا (ڪهڙا ڪلما آهن؟ فرمايائون:) سُبْحٰنَ اللہِ وَبِحَمْدِہٖ سُبْحٰنَ اللہِ الْعَظِیْم.([2])
هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ سان جنت ۾ وڻ لڳندو آهي. اهو حضرت ابراهيم عليه السلام جو اسان جي نالي پيغام آهي. معراج جي رات جڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حضرت ابراهيم عليه السلام سان ملاقات ٿي ته پاڻ فرمايائون: اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! پنهنجي امت کي منهنجي طرفان اهو پيغام پهچائي ڇڏيو! ته جنت جي زمين خالي ميدان آهي. الله پاڪ جي تسبيح