Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

Book Name:Dajal Kahan Hai Kab Nikale ga

حضرت اسماء بنت يزيد رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: هڪ ڏينهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي گهر تشريف فرما ٿيا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دجال بابت ٻڌائيندي فرمايو: دجال جي اچڻ کان پهريان 3 سخت سال هوندا.       ٭      پهريون سال بارشون نه وسنديون، زمين مان (جيتري پيداوار ٿيندي آهي، ان مان) ٻه ٽهائي پيداوار ٿيندي. ٭ ان کان ايندڙ سال هڪ ٽهائي ٿيندي. ٭    ان کان ايندڙ سال پيداوار ٿيندي ئي نه. چوپايا هلاڪ ٿي ويندا. پوءِ دجال نڪرندو. ان جي شديد ترين فتني مان اهو به آهي ته هڪ ڳوٺاڻي کي چوندو: جيڪڏهن مان تنهنجو اٺ زنده ڪري ڏيان ته مڃندي ته مان تنهنجو رب آهيان؟ ڳوٺاڻو چوندو: ها! مڃيندس. پوءِ دجال هڪ جن کي حڪم ڏيندو، اهو فورا ان جي اٺ جي شڪل اختيار ڪري وٺندو، ڳوٺاڻو سمجهندو ته منهنجو اٺ زنده ٿي ويو.

پوءِ دجال هڪ شخص وٽ پهچندو، ان جي والد ۽ ڀاء جو انتقال ٿي چڪو هوندو، ان لاءِ ان جي ڀاء ۽ والد کي زنده ڪندو، يعني جنن کي چوندو ته ان جي والد ۽ ڀاء جي شڪل اختيار ڪيو! اهي ڪري وٺندا، اهو شخص سمجهندو ته دجال منهنجي ڀاء ۽ والد کي زنده ڪري ڇڏيو. (ائين ماڻهو ان جي دوکي ۾ اچي ان کي خدا مڃڻ شروع ڪري ڏيندا).

راويه چون ٿيون : ايترو چوڻ کان پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن ڪم سان تشريف وٺي ويا. واپس تشريف وٺي آيا ته ڏٺائون؛ اسان سڀ غمگين ويٺا هئاسين. فرمايائون: ڇا ٿيو آهي؟ ڇو غمگين آهيو؟ عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! دجال جو ٻڌي اسان جون ته دليون ڏڪي ويون آهن. فرمايائون: فڪر نه ڪريو! جيڪڏهن منهنجي هوندي دجال نڪري آيو ته مان ان سان منهن ڏيندس. جيڪڏهن منهنجي (ظاهري) وصال کان پوءِ نڪتو ته منهنجو رب منهنجي غلامن جي حفاظت فرمائيندو. عرض ڪئي وئي: يا رسول الله