Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

یَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ   (سيپارو: 23، الزمر: 9)

ترجمو ڪنزُ العرفان: آخرت کان ڊڄي ٿو

يعني حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  آخرت کان تمام گهڻو ڊڄڻ وارا آهن.

عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  جي خوفِ خُدا جا واقعا

٭ مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ اهڙا خوفِ خُدا وارا هئا جو جڏهن ڪنهن قبر وٽ بيهندا هئا ته ايترو روئندا هئا جو لڙڪن سان سندن ڏاڙهي مبارڪ آلي ٿي ويندي هئي.[1] ٭ هڪ ڀيري خوفِ خُدا جي غلبي سبب فرمايائون: جيڪڏهن مون کي جنّت ۽ دوزخ جي وچ ۾ بيهاريو وڃي ۽ مون کي اها خبر نه هجي ته مون کي جنّت ۾ وڃڻ جو حڪم ٿيندو يا جهنّم ڏانهن موڪليو ويندو، ان وقت مان اهو پسند ڪندس ته اتي ئي خاڪ ٿي وڃان.[2]

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ قطعي جنّتي آهن، انهن کي مالِڪِ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن خود پنهنجي مبارڪ زبان سان هڪ ڀيرو نه، ڪيترائي ڀيرا جنّت جي خوشخبري ٻڌائي بلڪه پاڻ ته اهي بلند رُتبه صحابي آهن جو پاڻ هڪ ڀيرو نه، ڪيترائي ڀيرا سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کان جنّت خريد ڪئي آهي، مطلب ته: سندن جنّتي هجڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي پر پوءِ به پاڻ الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڪيترو ڊڄندا هئا، پاڻ خوفِ خُدا جي غلبي سبب ئي اهو فرمايو ته متان ائين نه ٿئي، مون کي جنّت جي بدران جهنّم ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ان ڪري مان اهو پسند ڪندس ته جنّت ۽ دوزخ جي وچ ۾ ئي ڍير ٿي وڃان.

کاش! ایسا ہوجاتا خاک بن کے طَیبہ کی            مصطَفٰے کے قدموں سے میں لپٹ گیا ہوتا ([3])


 

 



[1]... ترمذی،کتاب الزہد، صفحہ:554 ،حدیث:2308۔

[2]... الزہد  للامام اَحمد، زہد عثمان بن عفان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ ،صفحہ:169 ،حدیث:687۔

[3]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:159۔