Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf

ڪيتريون مصروفيتون هيون، انهن سڀني مصروفيتن باوجود پيارا آقا، نُورِ خُدا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن پابندي سان ۽ ڪثرت سان الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا.

دُنيا ۾ اچڻ جو مقصد عبادت آهي

افسوس! هڪ اسان آهيون جو هر ڪم لاءِ وقت ڪڍي وٺون ٿا، پيسو ڪمائڻو هجي ته وقت ئي وقت آهي، سير و تفريح لاءِ وڃڻو هجي ته وقت ئي وقت آهي، موبائل ۽ سوشل ميڊيا لاءِ اسان هر وقت موجود (Available) آهيون، ڪو مداري اچي وڃي ته ڪِن وٽ ان جي چوڌاري مجموعو لڳائڻ جو به وقت آهي، کيڏڻ لاءِ به وقت آهي، روڊن تي وڏيون وڏيون ايل سي ڊيز (L.C.Ds)  لڳائي رات دير تائين ميچ وغيره ڏسڻ ۽ گوڙ ڪرڻ جو به وقت ملي ويندو آهي. ها! اسان کي وقت ناهي ملندو ته صرف عبادت لاءِ ناهي ملندو، اسان کي وقت ناهي ملندو ته اشراق ۽ چاشت لاءِ ناهي ملندو، وقت ناهي ته اَوَّابين جي نوافل لاءِ ناهي، وقت ناهي ته نيڪ اجتماعن ۾ شرڪت جو وقت ناهي، مدني قافلن ۾ سفر جو وقت ناهي، نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو وقت ناهي، عِلْم سکڻ جو وقت ناهي، جيڪڏهن وقت ناهي ته قبر ۽ آخرت جي تياري جو وقت ناهي

اي ڪاش! اسان کي فڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان پنهنجي آقا و مولا، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي عملي طور تي پنهنجو آئيڊيل (Ideal) بڻائڻ ۽ پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي سيرتِ پاڪ کي زندگي ۾ نافذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. ڪاش! عبادت جي توفيق ملي وڃي.

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی                     کرم       ہو      کرم      یاخدا!       یااِلٰہی!([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

(2): آخرت کان ڊڄڻ وارا

  پيارا اسلامي ڀائرو! سيپارو: 23، سورة زُمَر جي آيت: 9 ۾ حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جو ٻيو وَصف اهو بيان ٿيو ته:


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:105۔