Share this link via
Personality Websites!
ايتري ڪثرت سان نمازون پڙهندا هئا جو سندن مبارڪ پيرن تي سوڄ اچي ويندي هئي.[1] اُمُّ الْمُؤْمِنِين حضرت عائشه صديقه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن قِيَامُ اللَّيْل (رات جي نفل نماز) هرگز نه ڇڏيندا هئا.[2] اُمُّ الْمُؤْمِنِين حضرت اُمِّ سلمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا جي روايت مطابق پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو معمول مبارڪ اهو هو ته رات جو نماز ادا فرمائيندا هئا، پوءِ جيتري دير نماز ادا ڪئي، اوتري ئي دير آرام فرمائيندا هئا، پوءِ اُٿندا هئا ۽ جيتري دير آرام ڪيو، اوتري دير نماز ادا فرمائيندا هئا، پوءِ نماز پڙهڻ جي مقدار آرام فرمائيندا هئا، ائين ئي ڪندا رهندا هئا ايستائين جو فجر جو وقت شروع ٿي ويندو هو.[3]
صحابيءِ رسول حضرت حذيفه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ رات الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن مسجد ۾ نماز ادا فرمائي رهيا هئا، مون موقعو ڏسي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي پويان بيهي اقتدا ۾ نماز شروع ڪري ڇڏي. الله پاڪ جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن دورانِ نماز سورة بَقَرَہ جي تلاوت شروع فرمائي، مان دل ۾ خيال ڪري رهيو هيس ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن 100 آيتون پڙهي رڪوع فرمائيندا پر پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن 100 آيتن تي رڪوع نه ڪيو بلڪه اڳتي پڙهندا ويا، هاڻي مون خيال ڪيو ته 200 آيتن تي رڪوع فرمائيندا پر پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن 200 آيتن تي به رڪوع نه فرمايو. هاڻي مون کي خيال ٿيو ته حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن پوري سورة بَقَرَہ (يعني تقريبن اڍائي سيپارا) مڪمل پڙهي رڪوع فرمائيندا. جيئن ته سورة بَقَرَہ مڪمل ٿي پر پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن هاڻي به رڪوع نه فرمايو بلڪه سورة آلِ عِمْرَان شروع فرمائي ڇڏي. هاڻي مان سوچي رهيو هيس ته حُضُور سورة آلِ عِمْرَان مڪمل تلاوت ڪري رڪوع فرمائيندا. (پر منهنجو خيال هن ڀيري به درست نه نڪتو)، نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سورة
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami