Book Name:Usman e Ghani Ke 3 Ausaf
شب بيداري (رات جي عبادت) جا فضائل
ڪاش! اسان کي به اها سعادت ملي، اسان به راتين جو عبادت ڪيون، نمازِ عشاء باجماعت ادا ڪريون، پوءِ ڪوشش ڪري ڪجهه نه ڪجهه نوافل پڙهي وٺون، قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪريون، ذِڪر اذڪار ڪريون، درودِ پاڪ پڙهون، الله پاڪ توفيق بخشي ته تهجد به ادا ڪريون، تهجد جي وقت اِسۡتِغفَار (مثال طور اَسْتَغْفِرُالله! اَسْتَغْفِرُالله جي تسبيح) ڪريون، نمازِ فجر به باجماعت ادا ڪريون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شب بيداري جو ثواب نصيب ٿيندو، اچو! ترغيب لاءِ شب بيداري (يعني رات جي عبادت) جا ڪجهه فضائل ٻڌون ٿا:
٭ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي انسانو! سلام کي عام ڪريو! ماڻهن کي کاڌو کارايو! ۽ جڏهن ماڻهو سُتا پيا هجن ته نماز پڙهو! توهان سلامتي سان جنّت ۾ داخل ٿي ويندؤ.[1] ٭ حديثِ پاڪ ۾ آهي: منهنجي اُمّت جا وڌيڪ شرف وارا ماڻهو اَهْلِ قرآن ۽ اَصْحَابُ اللَّيْل (يعني رات جو عبادت ڪرڻ وارا) آهن.[2] ٭ هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اهي ٻه رڪعتون جيڪي ٻانهو رات جي وچ ۾ ادا ڪندو آهي، ان لاءِ دنيا ۽ جيڪي ڪجهه ان ۾ آهي (دنيا و مافيها) کان بهتر آهن، جيڪڏهن مان پنهنجي اُمّت تي ان کي مشڪل خيال نه ڪريان ها ته انهن تي ان کي فرض ڪري ڇڏيان ها.[3]
پيارا اسلامي ڀائرو! شب بيداري (يعني رات جو عبادت ڪرڻ) جي هڪ اَهَم فضيلت اها به آهي ته اها اسان جي پياري آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي مبارڪ سُنّت به آهي. صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن روزا رکندا هئا ۽